ڏهرڪي: حملي جي ذميواري بدنام ڌاڙيل جانو انڍڙ قبول ڪري ورتي آھي ان سوشل ميڊيا تي هڪ ڌمڪي وارو پيغام ڏنو آھي ته مقتولن منهنجا 6 ڀائر ۽ هڪ ڀاڻيجو کي پنجاب پوليس کان مارايو هو جنهن جو اهو نتيجو آھي هن ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪو به هنن جو ساٿ ڏيندو ان سان به اهڙو حشر ڪيو ويندو.ست سال اڳ بدنام ڌاڙيل جانو انڍڙ جا 6 ڀائر خانو، سليم، لالو، ضفير ۽ نادر کي ڪوٽ سبزل پوليس ماريو هو جنهن جي پلاند ۾ جانو انڍڙ ڪوٽ سبزل ٿاڻي جي سب انسيپڪٽر ممتاز عرف بلو کي به ڪوٽ سبزل شهر ۾ ڏينهن ڏٺي جو قتل ڪيو هو.