بخشاپور: گهر اندر هينڊ گرنيڊ ڦاٽڻ سبب ناري مارجي وئي ۽ سندس مڙس زخمي

0
206
بخشاپور: گهر اندر هينڊ گرنيڊ

بخشاپور (رپورٽر) بخشاپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٻڍو ڀنگوار ۾ گهر اندر مبينا طور هينڊ گرنيڊ ڦاٽڻ  سبب ناري مارجي وئي ۽ سندس مڙس زخمي ٿي پيو

پوليس موجب مارجي ويل زبيده جو لاش ۽ زخمي زاهد ڀنگوار کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، زاهد ڀنگوار  7مهينا اڳ نوابشاهه مان زبيده بروهي سان پيار جو پرڻو ڪيو هو، ناري جا وارث واپسي جي گهر ڪري رهيا هئا

شڪ آهي ته ناري جي وارثن حملو ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ ڪري رهيا آهيون، پوسٽ مارٽم کانپوءِ مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.