ڪراچي: ڪراچي ڪنگز جي ڪپتان بابر اعظم پي ايس ايل ۾ سڀ کان وڌيڪ رنز ۽ ففٽيز ٺاهيون. بابر اعظم 11 ميچز ۾ 554 رنز ٺاهي ٽاپ تي رهيو ۽ 7 ففٽيز به بابر جي اسڪور ۾ شامل آهن. ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر جو ايوارڊ ملتان سلطانز جي صهيب مقصود کي قرار ڏنو ويو، جنهن 12 ميچز ۾ 5 سينچريز جي مدد سان 428 رنز ٺاهيون ۽ بهترين فيلڊر جو اعزاز به ماڻيو.