ڪراچي: ملتان سلطانز کي چيمپئن ٿيڻ تي واڌايون هجن، پاڪستان سپر ليگ 2021ع ۾ چيمپئن ٿيڻ بعد هر ماڻهو جي زبان تي رڳو ملتان سلطانز جو نالو آهي، سوشل ميڊيا تي ڪرڪيٽرن، شوبز ستارن، شاعرن، اديبن، دانشورن، فنڪارن، واپارين، سياستدانن، بيورو ڪريٽس ۽ عام ماڻهن طرفان ملتان سلطانز کي واڌايون ڏنيون پيون وڃن. وزير اعظم عمران خان، مرتضيٰ وهاب، عثمان بزدار جي فردوس عاشق اعواڻ به پيغام جاري ڪيا.