بالي(م ڊ) چين ۽ آمريڪا جي صدرن جي تاريخي ملاقات ۾ چيني صدر آمريڪا کي تائيوان ۾ مداخلت ڪرڻ تي تنبيهه ڪندي چيو آهي ته تائيوان پهرين ريڊ لائن آهي ان کي پار نه ڪيو وڃي، جڏهن ته آمريڪي صدر چيو آهي ته آمريڪا چين سان مقابلو جاري رکندو پر تڪرار نه ٿو چاهي.  انڊونيشيا جي جزيري بالي ۾ آمريڪي ۽ چيني صدرن جي ملاقات ٿي. ٻنهي صدرن ۾ اها پهرين ملاقات آهي جيڪا ان وقت ٿي آهي جڏهن تائيوان سميت ڪيترن ئي ٻين معاملن تي ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ آهي. جي 20 جي اجلاس جي موقعي تي سائڊ لائن تي ٿيل اها ملاقات 3 ڪلاڪ جاري رهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته چين ۽ آمريڪا مقابلي کي ڇڪتاڻ ۾ مٽائڻ کي روڪي سگهن ٿا. وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل پڌرائي موجب آمريڪي صدر ۽ چيني صدر ترجيحن ۽ مسئلن تي کُلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن انساني حقن ۽ تائيوان جي چوڌاري چين جي ڪارروائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي صدرن يوڪرين ۾ ايٽمي هٿيارن جي استعمال جي خطري جو حوالو ڏيندي ان عزم کي ورجايو ته ايٽمي هٿيارن جي جنگ ڪڏهن به نه وڙهڻ گهرجي ۽ نه ئي اها کٽي سگهجي ٿي. صدر جو بائيڊن چيني صدر کي چيو ته آمريڪا چين سان مقابلو جاري رکندو پر مقابلو تڪرار ۾ نه مٽجڻ گهرجي. بائيڊن چيو ته آمريڪا ۽ چين کي مقابلي کي منظم ۽ رابطن کي برقرار رکڻ گهرجي. ملاقات بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا چين سان ڪو تڪرار نه ٿو چاهي، منهنجي خيال ۾ چين تائيوان تي حملو نه ڪندو، چين سان سمورا مسئلا حل نه ٿيا آهن پر نئين سرد جنگ نه پئي شروع ٿئي ۽ چين جو صدر ڪيترن ئي معاملن تي ٺاهه لاءِ به تيار آهي. هن چيو ته چيني صدر سان کليل ڳالهيون ڪيون، انهن موضوعن تي به ڳالهايو جن تي ٻئي ملڪ متفق نه آهن پر اسان في الحال مسئلن کي حل ڪرڻ جي ويجهو نه آيا آهيون ٻنهي ملڪن جا ناتا ماضي جي ڀيٽ ۾ ڪي گهڻا خوشگوار نه آهن. هن چيو ته شي جن پنگ به واضح هو ۽ آئون به واضح هئس ته اسان آمريڪي مفادن ۽ قدرن جو دفاع ڪنداسين، عالمي انساني حقن کي هٿي وٺرائينداسين، عالمي نظام لاءِ بيهنداسين ۽ پنهنجي اتحادين ۽ ڀائيوارن سان گڏجي ڪم ڪنداسين. هن اعلان ڪيو ته پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن چين جو دورو ڪندو. چيني ميڊيا موجب صدر شي جن پنگ جو بائيڊن تي واضح ڪيو ته تائيوان پهرين ريڊلائن آهي چين آمريڪا لاڳاپن ۾ اها پار نه ٿيڻ گهرجي، تائيوان جو مسئلو ئي چين ۽ آمريڪا وچ ۾ لاڳاپن جو بنياد آهي. تائيوان جي معاملي جو حل چين جو اندروني معاملو آهي، قومي ڳانڍاپو ۽ علائقائي الحاق چين عوام جو مک ۽ عام تاٿر آهي جيڪو به تائيوان کي چين کان ڌار ڪرڻ گهري ٿو اهو چيني قوم جي بنيادي مفادن جي ڀڃڪڙي ڪندو ۽ چيني قوم اهو ٿيڻ نه ڏيندي. چين جي آزادي ايئن ناممڪن آهي جيئن باهه ۽ پاڻي جو ملڻ، اميد ته آمريڪا پنهنجي لفظن کي پاڻي ڏيندو ۽ هڪ چين واري پاليسي تي عمل ڪندو ۽ صدر بائيڊن جي تائيوان جي آزادي کي نه مڃڻ واري ڳالهه تي به عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته چين ۽ آمريڪا جا هن وقت لاڳاپا ٻنهي ملڪن ۽ عوام جي بنيادي مفاد وارا نه آهن ۽ دنيا اهڙن لاڳاپن جي اميد نه ٿي ڪري. ٻنهي ملڪن کي تاريخ، ٻنهي ملڪن ۽ عوام لاءِ ذميواراڻي ڪردار کي سمجهڻ گهرجي ۽ هڪٻئي سان نون لاڳاپن جو دور شروع ڪرڻ گهرجي، لاڳاپن کي درست دڳ ڏنو وڃي انهن کي صحتمند ٽريڪ تي آڻڻ گهرجي ته جيئن ٻنهي ملڪن ۽ سڄي دنيا جو فائدو ٿئي. چين جي ڪميونسٽ پارٽي جون داخلي ۽ خارجي پاليسيون واضح ۽ شفاف آهن، اسان کليل عالمي معيشت جا حامي آهيون، پنهنجي پرامن پرڏيهي پاليسي تي قائم آهيون سمورن مسئلن جي ميرٽ تي پنهنجي پوزيشن جوڙيندا آهيون ۽ سمورا تڪرار پرامن نموني ڳالهين سان حل ڪرڻ جا حامي آهيون. هن چيو ته چين پرامن، کليل ۽ سڀني لاءِ ڪاميابي واري ترقي سان مضبوطي سان واڳيل رهندو ۽ سڄي دنيا سان هڪ جهڙي ترقي چاهي ٿو ۽ ان لاءِ ڪم ڪندو رهندو. آمريڪا ۽ چين جا لاڳاپا غيرمعمولي چئلينجن ۽ غيرمعمولي موقعن جي بنياد تي قائم ٿيڻ گهرجن. ٻئي ملڪ هڪٻئي جي اندرين ۽ ٻاهرين پاليسي جو درست اندازو لڳائين ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا تڪرار ۽ زيرو مقابلي بدران ڳالهين سان ۽ گڏيل ڪاميابي واري سهڪار سان قائم ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته بائيڊن جي 5 نوز وارن بيان کي سنجيدگي سان ورتو آهي چين آمريڪا جي موجوده عالمي لاڳاپن کي تبديل ڪرڻ يا ان جي عالمي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ نه ٿو گهري ۽ آمريڪا کي چئلينج ڪرڻ يا ڪڍڻ جو به ڪو ارادو نه آهي، ٻئي ملڪ هڪٻئي جو احترام ڪن، امن سان رهن، ڪاميابي وارو سهڪار ڪن، لاڳاپن کي درست رخ ۾ رکن پر ان جو طرف يا رفتار متاثر ٿيڻ نه ڏين، ٽڪراءُ کي گهٽايو وڃي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي ناتن جي بهتري لاءِ گڏيل رابطا ضروري آهن. هن چيو ته آمريڪا جيان چين ۾ به جمهوريت آهي جيئن آمريڪا ۾ آمريڪا جي نموني جي جمهوريت آهي تيئن چين ۾ به چين جي اسٽائل جي جمهوريت آهي. آمريڪا ۾ سرمائيداري ۽ چين سوشلزم تي عمل ڪري رهيو آهي.