اغوا بعد قتل ڪيل نينگر فراز منگي جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

0
552
اغوا بعد قتل ڪيل نينگر فراز منگي جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
اغوا بعد قتل ڪيل نينگر فراز منگي جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مورو پوليس اغوا بعد قتل ڪيل نينگر فراز منگي جا قاتل گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن ۾ عورت به شامل آهي

ڊي ايس پي يار محمد رند پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فراز منگي جي قتل ۾ ملوث عورت وزيران سيال ۽ حاجن سولنگي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي

پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن سڱاوتي تڪرار تان معصوم نينگر کي کنڀڻ بعد قتل ڪيو

ڊي ايس پي يار محمد رند موجب جوابدارن نينگر جو لاش ٻاچڪي ۾ وجهي قبرستان ويجهو اڇلايو هو

مقتول نينگر جي پيءُ فهيم منگي جو چوڻ آهي ته جوابدارن رشتو نه ڏيڻ تان منهنجي پٽ کي قتل ڪيو، کين عبرتناڪ سزا ڏني وڃي