اشو آف دي ڊي … جيسين چنڊ ستارا رهندا فاضل تنهنجا نعرا رهندا: شهيد فاضل راهو جي ورسي تي سوشل ميڊيا تي ڀيٽا پيش

0
272

شهيد فاضل راهو جي ورسي جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس تقريرون، تصويرون، ڳالهيون شيئر ڪيون ويون، ٽربيوٽ ٽو شهيد فاضل راهو ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ ٽوئيٽر تي ڊاڪٽر عاصمه جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪئي ته جيسين چنڊ ستارا رهندا فاضل تنهنجا نعرا رهندا، شهيد فاضل راهو جي ڪيل جدوجهد تي سندس شهادت ڏهاڙي تي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا، لال جروار شهيد فاضل جي تقرير شيئر ڪئي ته سياست اسان کي مجبورن ڪرڻي پوي ٿي،ميمبر ٿيڻ ۽ وزير ٿيڻ لاءِ نه ،پر پنھنجن حقن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، ناهيد جتوئي لکيو ته شهيد فاضل راهو کي سرخ سلام، اياز چانگ لکيو ته فاضل راهو جيلن ۾ قيدين جي به اڳواڻي ڪندو هو، انهن جي انصاف لاءِ به آواز اٿاريندو هو، علي لانگاهه لکيو ته شھيد فاضل راهو جيڪا سوچ ماڻهن ۾ ڦهلائي سا سوچ هڪ جوالا مکي بڻجي وڏيرا شاهي، سرمائيدار، جاگيردار طبقي جي ظلم جي ڪوٽن کي ساڙي راک ڪندي وئي…اعجاز علي لکيو ته 17 جنوري 1987 تي سنڌ جي انقلابي اڳواڻ ڪامريڊ فاضل راهو جي مٿان وقت جي فوجي ڊڪٽيٽر ضياءُ پنهنجي ڀاڙي پراڪسي ذريعي قاتلاڻو حملو ڪرائي پورهيت اڳواڻ کي هميشه لاءِ پنهنجي رستي تان هٽائي پورهيتن جي حقن لاءِ عوامي تحريڪ کي ڇيهو رسايو هو. علم مهر لکيو ته فاضل راھو  جي ڀيڻ جو جنازو پيل ھو ۽ ان وقت ھڪ ھاري ڊوڙندو آيو ته منھنجي گھر واري کي ڊليوري جي سخت تڪليف آهي کيس اسپتال پھچائڻو آھي فاضل گاڏي ڪڍي ٿو ان ھاري جي زال کي پاڻ اسپتال پھچائي ٿو.چوي ٿو ھڪ ماڻھو مري ويو آھي ٻيو زندھ آھي ان کي بچائڻو آهي. اياز راهو لکيو ته سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپايو تحريڪ 1969 ۾ ھلي ان ۾ شھيد فاضل راهو جو وڏو ڪردار هيو.سرتاج احمد لکيو ته فاضل راهو وڏيرن جي اک ۾ ڪنڊو هو ڇاڪاڻ جو هو غريب هارين پورهيتن مظلومن جي حقن خاطر سچائي سان وارثن جو وارث ۽ هيڻن جو همراهه ٿي حق جي ميدان ۾ بيهي راشي ڪامورن عزت عصمت جي ظالم لٽيرن سان وڙهي غريبن جا حق ۽ لڄون واپس ڪرائي ڏيڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏيندو هو. جاويد چنا لکيو ته سنڌ ڌرتي جي اڏول اڳواڻ مظلوم سنڌي عوام تان پنهنجي جان جو نذرانو ڏيندڙ شھيد عوام فاضل راهو کي سرخ سلام پيش ڪجي ٿو، علي مراد لکيو ته شهيد فاصل راهو جي جستجو، محنت ۽ مسڪين ماڻهن کي شعور ۽ صلاحيت ڏيڻ تي ڪروڙين سلام، طارق عزيز رند لکيو ته شھيد فاضل راهو صاحب جي ڪردار جو ڪمال رڳو اهو نہ هو تہ هو سراپاِ احتجاج ۽ مستقل مزاجي سان مزاحمت جي ميدان ۾ عوام جو عشق ۽ عاشق بڻجي توڙ تائين بيٺو رهيو پر اڄ ان عظيم شخصيت جي 36 ھين ورسي تي کيس سرخ سلام پيش ڪيان ٿو. جاويد چنا لکيو ته فاضل راهو جيلن ۾ قيدين جي به اڳواڻي ڪندو هو انهن جي انصاف لئه به آواز اٿاريندو هو، عبدالقدير راهو لکيو ته لطيف چواڻي “اوءِ ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسين پرينء کي” شھيد فاضل راھو اھو فھم غريبن جي غلامي ۾ پروڙي ورتو ھو. جنھن کي ھن پنھجي سڄي حياتيءَ جو اورڻ بنائي ڇڏيو. اشفاق راهو فاضل راهو جو قول شيئر ڪيو ته اسان صرف اهو چئون ٿا ته هي ڌرتي اسان جي آهي اسان هن جا وارث آهيون اسان جيڪا پوک ڪريون ٿا ان تي صرف اسان جو حق آهي، مقبول راهو، محمد سميع ابڙو، فيض کوسو،  به ٽوئيٽر تي پوسٽ شيئر ڪري ڀيٽا پيش ڪئي. دودو چانڊيو رسول بخش پليجو جي چواڻي لکي ته فاضل تعبير هو اسان جي انهن حسين خوابن جو، جيڪي اسان جي شاعرن ڏٺا. فاضل روپ هو انهن سمورين  تمنائن ۽ تخيلن جو جيڪي اسان جو عوام صدين کان دل ۾ سانڍيندو آيو آهي. فاضل هر ڏينهن دودو، هر ڏينهن دريا خان، هر ڏينهن هوشو، هر ڏينهن هيمو ھو ،. احمد ڪي چانڊيو لکيو ته شهيد فاضل راهو جي سنڌ لا پورهيت جدوجهد ترقي پسند ڪردار جاکوڙ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا، اياز بليدي، علي شير چانڊيو، ديا رام، حفيظ ڀنڀرو، شريف چانڊيو، ڊاڪٽر بسارت منگي، ربنواز چانڊيو، شاهنواز، صنم سهتو، جکرو اقبال، فاضل رشيد چانڊيو، طاهره بلوچ، ڪرن ٻپڙ به شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا پيش ڪئي. بشير آريسر پوسٽ شيئر ڪئي ته راھو مرڻو ناھي، سمجھو ٿا لوڪو، مري ويو ٻيو ڪو. (شيخ اياز) سنڌ جي عظيم ڪردار شهيد فاضل راهو جي شهادت جو ڏينهن. سندس سنڌ لاء ڪيل جدوجهد تي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو. نوريزاڻي سجاد پوسٽ شيئر ڪئي ته هر قسم جي ڀيٽا کان اوچو هڪ انسان، مرڪ منان چانڊيو، حريف چانڊيو، مجيد ساگر پرهياڙ، عنايت سنڌي، اعجاز جمالي، ممتاز علي خاصخيلي، حاجي محمد ياسين شابراڻي، ارشد آزاد، راحيل عباس ڪلهوڙو، غلام مصطفيٰ شر، تنوير ٻپڙ. دلدار ڏيٿو ۽ ٻين به شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا پيش ڪئي.