اسلام ڪوٽ ۾ نشيدار سوپارين جو سرعام وڪرو روڪيو!

 

اسلام ڪوٽ ۾ نشي آور پُڙين جا ڊيلر هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ۾ اچي ويا، جنهن سبب ڪجھ پابندي پيل انڊين سفينا، گٽڪي، چرس ۽ آفيم جو غير قانوني ڌنڌو ٻيهر شروع ٿي ويو آهي، رات جي وقت مختلف روٽن تان منشيات آڻي شهر جي مختلف پاڙن ۾ قائم منشيات جي اڏن تي لاٿي ويندي آهي، جتان شهر ۾ سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي، اُن سان گڏ مختلف ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ مشهور منشيات ڊيلر منشيات اسٽاڪ ڪري وڪرو ڪرڻ ۾ رُڌل آهن. شهر ۾ منشيات جا اڏا چالو ٿي ويا آهن، سي آءِ اي ۽ ٿاڻي جي پوليس مقرر ٿيل نئين ايس ايس پي جي حُڪمن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي. اُن ڏس ۾ ڪيل سروي دوران سفينا جي ڌنڌي بابت ڇرڪائيندڙ انگ اکر سامهون آيا، ڄاڻ موجب شهر ۾ 50 دڪانن تي روزانو 5 لک رپين جي سفينا وڪرو ٿئي ٿي، اُن سان گڏ شهر ۾ قائم 150 ڪئبنن تي روزانو 8 لک رپين جو هي زهريلو نشو سرعام وڪرو ٿي رهيو آهي. ڊيلرن جي قائم في دڪان تان 10 هزار جي سفينا وڪرو ٿي رهي آهي، شهر ۾ قائم في ڪئبن تي روزانو 4 کان 5 هزار جون نشي آور پُڙيون سرعام وڪرو ٿين ٿيون، 50 دڪانن ۽ 150 ڪئبنن تي هڪ ڏينهن دوران 13 لک ۽ ماهوار 3 ڪروڙ 90 لک رپين جون نشي آور انڊين سفينا پُڙيون وڪري ڪيون پيون وڃن، سي آءِ سميت ٿاڻي جي پوليس کي ماهوار 10 لک رپيا منٿلي ڏني ويندي آهي، جنهن جي ڪري پوليس منشيات فروشن خلاف ڪنهن به ڪارروائي بدران سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پوليس هن سموري معاملي ۾ منٿلين عيوض خاموش تماشائي بڻيل آهي جنهن جي ڪري منشيات جو غير قانوني ڌنڌو ڪندڙ ڊيلر سرعام موٽر سائيڪلن تي انڊين گُٽڪو کڻي ڪئبن ڪئبن ۽ دڪان دڪان تي پهچائيندي نظر اچن ٿا. پوليس اُنهن کي هٿ به نه ٿي لڳائي. پوليس وڏن ڊيلرن کي ڇڏي غريب ۽ مسڪين پورهيتن کي پڪڙي چالان ڪري ڪيس ٺاهڻ ۾ لڳي ويندي آهي، آءِ جي سنڌ جي سختيءَ سان جاري ڪيل هدايتن بعد منشيات تي ڪنٽرول بدران ويتر ان جي وڪري ۾ تيزي اچي وئي آهي، پوليس سفينا جي وڪرو لاءِ اعتماد وارا ڊيلر رکي سرعام وڪري جي اجازت ڏئي ڇڏيندي آهي، جنهن سبب ڊيلر اڌ مال شهر ۾ پنهنجن گهرن ۾ اسٽاڪ ڪري بعد ۾ وڪرو ڪن ٿا، اُن سان گڏ مختلف ڳوٺن ۾ منشيات اسٽاڪ ڪري وڪرو ڪئي پئي وڃي. ٿرڪول تي سامان کڻي ايندڙ ٽرالرن ۾ نشي آور سفينا، چرس، آفيم آڻي وڪرو ڪرڻ جو انڪشاف پڻ سامهون آيو آهي، اُن سان  عمر ڪوٽ، ڇاڇرو، مٺي ۽ ڏيپلو رستي به منشيات پهچائي وڃي ٿي، ڳوٺ جيئندو درس ۾ منشيات جو وڏو اڏو قائم ٿيل آهي.

 

سجاول بجير/اسلام ڪوٽ

 

ڪڙيو گهنور جي تباهه ٿيل GBHS جي عمارت ٺهرائي ڏيو!

 

آئون سنڌ صوبي جي بدين ضلعي مان هڪ شاگرد هجڻ طور سنڌ حڪومت کي ڪجهه چوڻ چاهيان ٿو. آئون پنهنجي شهر جي وڏي سرڪاري اسڪول گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ڪڙيو گهنور ۾ ڇهين ڪلاس جو شاگرد آهيان، منهنجو ذهن ته ننڍو آهي پر جيڪو به چوڻ اچي ٿو اهو چوڻ چاهيندس. اسان جي اسڪول کي ٺهندي لڳ ڀڳ 30 سال گذري ويا آهن ۽ گذريل سال جي برساتن کان پوءِ ته ان اسڪول جي ڇتين جا چاپڙ ڪرڻ شروع ٿي ويا هئا. جنهن جي ڪري شاگردن کي ان عمارت ۾ پڙهڻ کان روڪيو ويو آهي. هونئن ته اسان جا استاد صاحبان شهر جي سرندي وارن ماڻهن جي مدد سان اسڪول جو ڪجهه مرمتي ڪم ڪرائي رهيا آهن پر افسوس جي ڳالهه آهي ته هيڏي وڏي اداري تي ڪو سرڪاري آفيسر ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هڪ ڏينهن اسان کي استاد ٻڌايو ته پنجاب صوبي ۾ تعليم جي بنيادي سهولتن تي بجيٽ جو 93 سيڪڙو خرچ ٿئي ٿو پر سنڌ ۾ صرف 23 سيڪڙو. اسان جي اسڪول ۾ فرنيچر به نه هجڻ برابر آهي. اسين تمام گهڻي سوڙهه ۾ پڙهائي ڪندا آهيون، آئون هڪ شاگرد هوندي سنڌ حڪومت کي اهو عرض ٿو ڪريان ته اسان کي اسڪول جي عمارت جلد کان جلد ٺهرائي ڏيڻ سان گڏ اسان کي ٻيون سهولتون پڻ مهيا ڪيون وڃن.

 

صدارت مهيشوري/ڪڙيو گهنور

 

مڪاني اليڪشن جو ٻيو مرحلو ۽ معاملا!‎‎

 

ھتي به اھو ئي ڪامياب ٿئي ٿو جيڪو گھڻو محنتي، ھوشيار، چالاڪ ۽ ڦڙتيلو هوندو آھي، ڪڏھن ايئن ناھي ٿيو ته ٻيا رانديگر ڪامياب ٿين، البته برابر ٿين ٿا پر آخر ۾ ھڪ کي ئي ڪامياب قرار ڏنو ويندو آھي. کيڏڻ کان پوءِ ڏاڍو دلچسپ مرحلو آھي اوھان ھارائي ٿا وڃو يا کٽو ٿا، اچو ٻنهي صورتن ۾ ماڻھو ته ڪمال ٿا ڪن، توھان کٽي آيا آھيو ته توھان جي ڪاميابي جو سڀ ڪو پيو تاج پنهجي سر تي کڻندو، سڀ توھان تان پيا قرباني ٿيندا ۽ جيڪڏهن توھان بدقسمتيءَ ھارائي ويا آھيو ته ساڳيا ماڻھو توھان جي ھار تي توھان کي ئي نشانو بڻائيندا، ڪمزور ڪڙيون ڳڻائيندا، جن جي توھان کي ھشي ڏني ويندي ھوندي، بنا زميني حقيقتون ڄاڻڻ جي توھان کي سندرو ٻڌايو ويو ھوندو، توھان کان کسڪي پري ٿيندا، حيرت جي ڳالهه ته انهن توھان کي اڳ خامين بابت ڪڏھن نه ٻڌايو ھوندو، ھي مرحلو توهان لاءِ سڀ کان ضروري ھوندو آھي ته ھاڻ اوھان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ميدان ماري آيا آھيو ته غرور ھرگز نه ڪرڻ گھرجي، ڇو ته غرور توھان کي سست، نڪمو ۽ ناڪام ڪري ڇڏيندو، ڪامياب آھيو ته جشن سان گڏ توبهه به ڪيو مالڪ جي در، جنهن توھان کي ڪامياب ڪيو، سو ناڪام به پئي ڪري سگھيو ۽ تياري ڪيو نئين حدف جي لاءِ توھان جي منزل ھي ناھي. ھاڻي ڳالهه ڪيون ٿا موجوده اليڪشن جي جتي ڪجھ دوست ڪامياب ٿيا آھن ته ڪي ناڪام ٿيا آھن، ڪامياب ٿيل دل سان مبارڪون ٿا ڏيون، ھارايل کي صبر ڪرڻ جي تلقين ٿي ڪجي. ڪن پنهنجي ھار قبول ڪئي آھي، ڪي وري دوست ڪاميابيءَ تي آپي کان ٻاهر نڪري ويا آهن، ڪي ناڪاميءَ جو جواز ڄاڻائي اليڪشن کي ميدان جنگ سمجھيو ويٺا آھن. وڏڙا چوندا آھن ته لٺ ھڻي پاڻي جدا ناھي ڪيو ويندو، اسان ھڪ ٻئي جا ڏک ڀائي سک ڀائي ڀت ڀائي آھيون، اسان سڀ ھڪ ٻئي جا وارث ،آھيون ڏاھا ٿيو، ھي بس اليڪشن ھئي، رنگ، نسل، مذهب، عقيدي، ذات پات جي چٽا ڀيٽي نه ھئي، فراخدليءَ جو مظاهرو ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي روايتن جي امين رهي آهي، ھتي محبت، امن جي فضا قائم ڪيون.

 

نجيب مرگھر/ ڪيٽي بندر

 

ميھڙ جي مقتولن جي ورسي ۽ انصاف لاءِ واجھائيندڙ ام رباب چانڊيو

 

سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام جي پاسداري سدائين ٿيندي نظر ايندي رھي آھي ۽ گھڻو ڪري غريب کي انصاف ملڻ جي اميد گھٽ ھوندي آھي ۽ ڪمزور انسان ھر وقت ڏاڍي جي ڏاڍ ۾ پيسجندو رھي ٿو، اھڙو ئي ھڪ واقعو سنڌ جي ميھڙ سان واسطو رکي ٿو، جيڪو 17 جنور 2018ع تي ھڪ ئي گھر جي ٽن مردن کي سرعام گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو ھو، جنهن کي پورا 5 سال گذري چڪا آھن پر انهن مقتولن جي وارثن کي اڃا تائين انصاف نه ملي سگھيو آھي، انهيءَ جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا، ڇو ته اسان جي سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ سرداري نظام انگريز سامراج واري دور کان سنڌ تي مڙھيل آھن، جيڪي پنهنجي ڏاڍ مڙسيءَ واري عزم کي برقرار رکندي عام ماڻھو جي زندگين سان ظلم ڪندا آھن، اسان اھڙن شھيد ٿي ويندڙ ايڊووڪيٽ نياڻي ام رباب چانڍيو جي بيگناھ مارجي ويندڙ والد مختيار حسين چانڍيو، چاچي قابل چانڍيو ۽ ڏاڏي ڪرم اللھ چانڍيو جي ڳالھ ڪنداسين ته انهن جو اھڙو ڪھڙو ڏوھ ھوندو جو انهن کي سرعام شھر جي رستن تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو ھو؟ ڇو ته ھن ڏيھ جو ڏاڍ ڏيکاريندڙ قاتلن کي اڃا تائين ڪا به قانوني سزا نه ملي سگھي آھي. اسين سنڌ واسي ونين ۽ ٻنين تان پنهنجو سر گھوري ڇڏيندا آھيون پر ھي ڪھڙو انصاف ڏيندڙ سماج آھي جو ھڪ نياڻي 5 سالن تائين لاڳيتو جاکوڙ ڪندي نظر اچي رھي آھي، جنهن کي مقتولن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جا وارث توڙي علائقي جا سردار ۽ جاگيردار وقت به وقت ڪيسن تان ھٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏيندي ٻڌا ويندا آھن پر وري به سلام آھي سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو کي جيڪا سگھارن سردارن سان مھاڏو اٽڪائي اکيون اکين سان ملائي پنهنجي شھيدن جو ڪيس وڙھي رھي آھي. ان مزاحمتي ڪردارم بهادر نياڻي کي اسين جس ڏيون ٿا ته ھوءَ آخري دم تائين شھيد وڏن جو قتل ڪيس قانوني طريقي سان ڄمي وڙھڻ سان گڏوگڏ دشمنن جو مقابلو ڪري رھي آھي، ان جي اڻٿڪ محنتن جو صلوضرور ھڪ ڏينهن رنگ لائيندو ته نياڻي کي انصاف ملندو، نه رڳو انصاف ملندو پر ھوءَ سرخرو ٿي دنيا کي ٻڌائيندي ته پنهنجو حق وٺڻ لاءِ ڪنهن سامراجي وڏيري ۽ ڀوتارڪي نظام سان مھاڏو اٽڪائڻ ئي ھڪ ديده دليري کان گھٽ نه آھي. سنڌ ۾ ھميشه وڏيرڪي نظام کي سدائين ھٿي ملندي رھي آھي، ڏينهن ڏٺي انسان قتل ڪندڙ قاتل ناڻي جي نشي ۾ ڌت ٿي گھمندا رھن ٿا، ملڪ جو قانون انهن تائين ڪمزور ٿي پيش ايندو رھي ٿو، اسان نياڻي ايڍووڪيٽ ام رباب چانڊيو جي شھيد ٿي ويل وڏڙن جي قتل ڪيس ۾ ملوث مڙني جوابدارن کي جيل اندر ڏسڻ چاھيون ٿا.

 

گل بيگ چانگ/خيرپور

 

عوام وٽ پوليس جو گراف ۽ ان جي ڪارڪردگي!

 

ڏوهن ۾ اضافي جي ڪري پوليس جي ڪارڪردگي تي سواليا نشان اچي ويندو آهي پر پوليس جي مسئلن جو اندازو عوام کي گهٽ هوندو آهي، پوليس ڊيوٽي ڏيڻ سان گڏ عوام لاءِ انهن جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هميشه جوابده رهي ٿي پر تنهن باوجود به بدامنيءَ جو خاتمو نٿو ٿئي. ٻي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ڪم لاءِ حد جي ٿاڻي جو انچارج ڪو به ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪندو آهي ته مقامي ۽ سياسي ماڻهو ان آفيسر کي تنگ ڪري ڇڏيندا آهن، پوليس وارن جو ڪو ئي ڊيوٽي ٽائيم فريم ناهي هوندو. اهي 24 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪندا رهندا آهن. ٿاڻي جي حد وسيع ۽ نفري تمام گهٽ هوندي آهي، پوليس بااثر جوابدارن کي ناهي پڪڙيندي، پوليس جو هٿ رڳو ڪمزور جوابدارن تي پوندو آهي، پوليس منشيات فروشن ۽ ڏوهه ڪندڙ ماڻهن جو گهيرو تنگ ڪندي آهي ته طاقتور وڏيرا ۽ حلقي جا چونڊيل نمائندا ۽ سياستدان انهن بااثر ماڻهن کي ڇڏائڻ لاءِ حرڪت ۾ اچي ويندا آهن، جنهن لاءِ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پوليس ۾ سياسي مداخلت جيڪر ختم هجڻ کپي. هوڏانهن پنجاب پوليس ۾ به ساڳي صورتحال آهي، جتي 25 سيڪڙو ڏوهن ۾ اضافو ٿيو آهي. پوليس ڏوهارين وٽ ڄڻ بي وس ٿيو وڃي. تنهن کان سواءِ سياسي سماجي ماڻهن طرفان هر هنڌ ڏوهن تي واءِويلا الڳ شروع ٿيو وڃي. پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي اچڻ شرط پوليس پگهارن ۾ اضافي جو اعلان ڪيو ۽ هڪ کرب 48 ارب رپيا مختص ڪيا آهن جنهن مان 66 ارب رپيا جاري ڪيا ويا آهن ۽ جنهن پوليس لاءِ فنڊن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي. هتي سنڌ حڪومت طرفان به پوليس کي وڏو رليف فراهم ڪيو ويو آهي. ان جا اسڪيل وڌايا ويا آهن، تنهن کان سواءِ فنڊن جي فراهمي سان گڏ ان ۾ اضافي لاءِ سنڌ حڪومت ڪوشان آهي. ڳالهه اها آهي ته پوليس کي ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ امن امان برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻي پوندي تان جو عوام ۾ پوليس گھٽ ٿي ويل گراف بهتر رهي ۽ عوام وٽ پوليس جو اعتماد ۽ ڀروسي جوڳي سڃاتي وڃي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

پاڪستان جون تازيون حالتون!

 

سنڌ سان گڏ پاڪستان جون حالتون ڪنهن خراب ڪيون ان ۾ ٿي سگهي ٿو عمران خان 5 سال پورا ڪري آيو ته پاڪستان کي ئي آءِ ايم ايف اڳيان کپائڻو پوي، آئلم گئس، بجلي، پيٽرول، ڊيزل، سون، سان گڏ مختلف شين جي اگهن ۾ نيازي حڪومت ۾ ئي واڌ آئيم سڀ کان پهريان سون جي تولي جو اگھه وڌايو ويو، نيازي حڪومت پاڻ ته پوئتي هلي وئي پر ملڪ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي ملڪ کي پوئتي ڪري ڇڏيو اٿائين، اڄ ان جي ڪري سان اسان جي ملڪ ۾ ناڻي جا ذخيرا به محدود ٿي ويا آھي، واقعي نيازي ڪرپٽ آھي يا ڪرپشن ڪئي اٿائين، نيازي شروعات کان ئي ڪرپٽ آھي، يعني ڪرپٽ ڪپتان به رھيو آھي، جيئن شروعات ۾ وزيراعظم ٿيو ته وزيراعظم ھائوس جون مينهون کپايائين ۽ پنهنجو پروٽوڪول گهٽ ڪري ان جي پئسن جو بچاءُ ڪندي چئن سالن دوران ملڪ جو پئسو پاڻ کاڌائين، نيازي حڪومت کي ٻاهرين ملڪن مان ڪهڙيون شيون مليون جيڪي هن کپائي ڇڏيون اهي به پاڪستان جي عوام کي خبر نه آھي ڇا ته گئس جا ذخيرا ختم ٿي چڪا آھن؟ گئس جا ذخيرا ختم ٿيڻ جو سبب توھان جي سامهون آھي، گئس جي لوڊشيڊنگ به هن حڪومت ۾ ڳنڀير صورتح اختيار ڪئي، نيازي حڪمران نه پر ملڪ جي صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ ڦرلٽ ڪرڻ آيو هو، پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن کي گهرجي ته هو اها پارٽي ڇڏي ٻي ڪنهن پارٽيءَ ۾ شامل ٿين ڇاڪاڻ ته ھر شيءِ توھان جي سامهون آهي. توھان کان سوال آھي ته ڇا پاڪستان ڪڏھن ايترو پوئتي پيل هو يا ملڪ جي ايتري صورتحال خراب ٿي آھي جيتري نيازي حڪومت جي ڪري ٿي آهي؟ ملڪ جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي، ملڪ ايترو ڪنگال ٿي چڪو آھي جو ملڪ ۾ ڊالر به ناهن، پاڪستان جون سموريون جمهوري سياسي پارٽيون گڏ ٿي ھڪ اتحاد، پي ڊي ايم ٺاھيو هو جنهن کي عدم اعتماد واري تحريم ۾ نيازيءَ جي خلاف ڪاميابي ملي، نيازي حڪومت کي اڳوڻي وزيراعظم گهر موڪلي ڇڏيو، جن پارٽين ملڪ جي صورتحال جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهن پاڪستان جي مستقبل لاءِ سوچيو ته انهن کي تڪليف به ايندي آھي ته نئون ماڻهو ملڪ جي صورتحال کي خراب ڪري ملڪ جي مستقبل کي ختم ڪرڻ چاھي ٿو ته ان لاءِ سمورين جمهوري پارٽين کي ھڪ ٿيڻ گھرجي انهن کي ڪير به نٿو روڪي سگهي، پي ڊي ايم اتحاد صحيح ڪيو جو نيازي کي 5 سال پورا ڪرڻ نه ڏنا جي ايئن ڪيو وڃي ها ته هن وقت هي ملڪ وڪرو ٿي وڃي ها يا سريلنڪا جيان ڏيوالپڻي جو شڪار ٿي وڃي ها، ان کان پوءِ نيازي صاحب پنهنجي گھر واريءَ ڏانهن واپس اسرائيل هليو وڃي ها ۽ اسان هت ويٺا تاڙيون وڄايون ها.

 

شيراز تنيو/نصيرآباد

 

سال 2022ع جي پُڄاڻي ۽ محنتڪش هارين ۽ مزدورن جا اهنج!

 

سال 2022ع جي صورتحال کي سامهون رکندي گذريل سال سراسري محنتڪش هارين ۽ مزدورن جي انتهائي ڏکيائين کي جھاڳي ۽ بُکون ڪاٽڻ تي مجبور بڻيل هارين ۽ مزدورن ٻڌايو ته اسان سوچيو هو ته نئون سال 2023ع اسان جي ڏکئي وقت جو سهارو بڻجندو پر رات جو 12:00 وڳي سال 2023ع جون خوشيون سال 2022ع کان بدترين ڏٺيوسين، هتان جي ريتن ۽ رسمن هنن غريبن لاءِ وڏي وڏي شهرن مان ڊاٽسنون ۽ گاڏيون اٽي جون ڀري شهر ڏانهن ڄڻ هر شهر ۾ يوٽيلٽي اسٽور هوندي به هنن اٽي پويان پئسا ڪمائڻ جو رستو اختيار ڪري ورتو آهي، جيڪا هو 650 رپين ۾ خدا ٿو ڄاڻي ڪهڙي مِل مان اٽو کڻي شهر جي چوراهي تي عورتن، ٻارڙن ۽ مردن کي اٽي جي ڳولا ۾ بکيو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڏسو ته ڪيترو ذليل ۽ خوار ڪيو ٿو وڃي، انهن کان ڪير پڇڻ وارو ڪونهي، هنن غريبن جي پنهنجي آباد ڪيل ڪڻڪ خريد ڪرڻ وارن ڇڙواڳ قانون جي رکوالن کي رحم به نٿو اچي، جڏهن ته هنن مسڪين هارين ۽ محنتڪش پورهيتن جو ڏوهه صرف اهو آهي ته ايمانداريءَ سان ووٽ ڏئي پوءِ مٿي ٻڌايل تفصيل کي غور سان پڙهڻ کان پوءِ ڪنهن ڳوٺ يا شهر ڏانهن سياست ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي. هيءَ سنڌ ڌرتي ماءُ صرف اوليائن ۽ ولين جي آهي، جيڪي هنن محنتڪش الله جا دوست آهن، انهن جي سهاري تي هلي پئي، شاهه لطيف چوي ٿو ته “پنهنجو پاڻ سڃاڻ، ڪهڙو ليکو لوڪ سان؟” جڏهن ته ملڪ جي وس وارن پنهنجا هيلا هلايا پر هي غريب جيئندا رهن ٿا، ڇاڪاڻ ته هي محنتڪش الله جا دوست آهن. هي ڌڻيءَ جي آسري پيا هلن، هنن غريبن جي سچائيءَ جو ثبوت سڃاڻپ ڪارڊ جي ڪاپي، ڪوڙن فارمن تي صحيح، هنن ڀوتارن کي وٺڻ کان روڪيو وڃي، ڇا هن ملڪ ۾ ڪرپشن محنتڪش مزدورن ڪئي آهي؟ ڇا هن ملڪ جو اڌ حصو مزدورن صحيح ڪري وڪڻي ڏنو آهي؟ ڇا هن ملڪ جي ڊالرن جو قرض مزدورن کائي کپايو آهي؟ جيڪڏهن هي سال 2023ع ۾ عالمي سطح تي پيغام ڏنو ٿو وڃي؟ محنتڪش مڙسي ڪيو ۽ بکون ڪاٽي پنهنجا ٻار پڙهايو، بکون ڪاٽي ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪيو ۽ ملڪ ۾ آواز اٿاريو، رب کان سواءِ ٻيو ڪنهن کان به نه ڊڄو، هيٺين سطح جون ذاتيون پاڻ ۾ سڀ ويڇا ختم ڪري هڪ ٿيو، يوسي سطح کان وٺي مرڪزي سطح تائين توهان جي هڪ طاقت آهي، ملڪي حڪمرانن جي کنيل قرض جو رڪارڊ چيڪ ڪيو، اوهان جي ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن؟ انهن جي نشاندهي ڪريو، توهان جو وقت اچي رهيو آهي، هن کي بهتر طريقي سان ملهايو، هڪ ٻئي سان ملاقات ۽ اتحاد قائم ڪريو، هنن ڀوتارن ۽ ليڊرن کان بچو، ڇاڪاڻ ته نئون سال 2023ع اوهان جو ساٿ ڏيڻ وارو سال آهي.

 

ميوارام ڏونگراڻي/عمرڪوٽ

سائين جي ايم سيد ۽ فاضل راھو جي ورسي!

 

سنڌ جي تاريخ ته نظر وجھنداسين ته امڙ سنڌ اھڙن سورمن، سرواڻن ۽ جودن سان ڀري پئي آھي پر ھر ماڻھو پنهنجي موٽ پاڻ ۽ املھ موتي داڻو ھوندو آھي، سنڌ جي تاريخ ۾ به ٻه اھڙا املھ موتي عوام جي دلين ۾ اڄ به جيئرا آھن جن جون ورسيون ھڪ ئي تاريخ تي 17 جنوري تي ملهايون وينديون آهن، ھڪ سن جي ڀوميءَ سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو آھي ته وري ٻيو راھوڪي جو راڻو ۽ سنڌ جي مظلوم ھارين جي آواز آهي، راھوڪيءَ جي ڳوھيل چيڪي مٽيءَ جي پيدائش آھي، جنهن سنڌ جي لاءِ انقلابي جدوجھد ڪئي ۽ آمر ضاالحق سان مھاڏو اٽڪايو ۽ جيل جي ڪارن ڪوٽن کي منهن ڏنو پر سنڌ جي مزدور، ھارين، عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وڙھيو ۽ آمرن کي ڏندين آڱريون ۽ ڳڻتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو. ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا جيڪي سنڌوءَ جي سونهن ۽ سنڌ جو آواز ھوندا آهن، سنڌ جو ساھ جن ۾ سمايل ھوندو آھي، جيڪي ڀلي اوندھ ھجي پر تارو ٿي اڀرندا آھن ۽ اھي ھمشه ڌرتيءَ تي ھر رات تاري جيان چمڪندا رهندا آھن، اڄ به سندن عاشق ۽ سندن فڪر جا ساٿاري راھوڪي پھچن ٿا. شهيد فاضل راھو جو ساٿاري سچو اڳواڻ رسول پليجو به جيل ۽ سياسي سفر گڏ شروع ڪيو پر فاضل راھو ڪير سڏائي؟ جيڪو ڳالھائيندو ته گھٽ ھو پر سڄو ڏينهن ۽ رات سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه ڏسندو ھو، رات يا تات آ، راھوڪي نڪري پوندو ھو ۽ جلسا جلوس ۽ سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو سندس فڪر سندس سوچ نظريو صرف سنڌي عوام جي لاءِ هو سنڌ جي حقن جي جدوجھد جو چٽو ۽ واضع نظريو ھو، ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته شهيد فاضل راهو ھڪ موتيءَ داڻو ۽ وڪامڻ وارو نه ھو ۽ سنڌ جو سچو سپوت انقلابي اڳواڻ ھو. فاضل راھو جذباتي نه ھو، شهيد فاضل ھڪ بهترين ڪارڪن سان ھڪ بهترين نظرياتي انقلابي اڳواڻ پڻ ھو جيڪو عملي طور عوامي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي ھر ننڍي کان ننڍي مسئلي کان ويندين ڪالاباغ ڊيم، عوامي تحريڪ لاءِ خود ڀٽو صاحب چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏھن ٻي پارٽي پ پ پ کان پوءِ آھي ته اھا عوام تحريڪ آھي، جنهن ۾ عورتون به ٻارڙن کي سنڌ جي حقن بابت ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، جنهن ۾ سنڌياڻي تحريڪ سان گڏ سجاڳ ٻار تحريڪ به شامل آھي، شهيد فاضل راھو مڪمل حقيقي نظرياتي ۽ سنڌ جو انقلابي اڳواڻ ھو.

 

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ