اسان کي خطرو آهي، رينجرز جواز ڏيکاري سيڪيورٽي لاءِ نٿي اچي: ام رباب

0
71

دادو (رپورٽر) ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي

دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ سميت 3 گهرڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي

ام رباب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي ٿريٽس آهن، رينجرز جواز ڏيکاري سيڪيورٽي  لاءِ نه ٿي اچي

سپريم ڪورٽ رينجرز جي سڪيورٽي ڏني هئي، ڊي جي رينجرز نوٽيس وٺي، اسان کي خطرو آهي، رينجرز جي سيڪيورٽي ڏني وڃي

هن چيو ته ضمانت جي درخواست ڏيندڙ ذوالفقار چانڊيو 3 سال روپوش هو، مٿس انعام به رکيو ويو، اميد آهي ته  عدالت سندس ضمانت رد ڪندي

ام رباب چانڊيو چيو ته جاگيردارن خلاف وڙهي رهيا آهيان، سنڌ جا نوجوان هنن کان سوال ڪن ته انهن جي ڪهڙي ڪارڪردگي  آهي، جنهن تي کين ووٽ ڪن

سردار چانڊيو جو چوڻ هو ته عدالت ۾ ذوالفقار چانڊيو جي ضمانت واري درخواست تي ٻنهي ڌرين جي  وڪيلن دليل ڏنا آهن

سردار احمد چانڊيو ٻڌڻي بابت ٻڌايو ته  عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، اسان بيگناهه آهيون