آصف زرداري، مريم ۽ شهباز کي رليف نه ملندو، ٽيون نيب آرڊيننس جاري

0
396

اسلام آباد: صدر عارف علوي قومي احتساب بيورو (نيب) جو ٽيون ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪري ڇڏيو آهي. ترميمي آرڊيننس تحت ٺڳي ۽ فراڊ جا ڪيس واپس نيب ڏانهن اماڻيا ويا آهن، جڏهن ته مضاربا ڪيس به واپس نيب جي حوالي ڪيا ويا آهن

ٽئين ترميمي نيب آرڊيننس سان آصف زرداري، شاهد خاقان عباسي، مريم نواز ۽ شهباز شريف کي ڪو به رليف نه ملندو ۽ اڳ ئي داخل ٿيل سمورا مني لانڊرنگ جا ڪيس جيئن جو تيئن هلندا رهندا. آرڊيننس مطابق اهو قانون 6 آڪٽوبر کان لاڳو سمجهيو ويندو ۽ 6 آڪٽوبر کان اڳ جا سمورا فراڊ وارا ڪيس نيب ٻڌي سگهندو. جعلي اڪائونٽس جا پراڻا ڪيس به آرڊيننس تحت جاري رهي سگهندا

ترميمي آرڊيننس تحت چيئرمين نيب کي عهدي تان هٽائڻ جو اختيار سپريم جڊيشل ڪائونسل کان واپس ورتو ويو آهي. چيئرمين نيب جي ملازمت جو مدو 4 سال هوندو ۽ نيب چيئرمين کي هٽائڻ جو اختيار صدر وٽ هوندو. آرڊيننس موجب چيئرمين نيب کي عهدي تان هٽائڻ جو بنياد اهو ئي هوندو جيڪو سپريم ڪورٽ جي جج لاءِ هوندو آهي

ٽئين ترميمي آرڊيننس تحت ضمانت واري رقم جي تعين جو اختيار به نيب جي عدالت کي ڏنو ويو آهي. 6 آڪٽوبر تي نيب آرڊيننس جاري ٿيڻ بعد نيب جي قانونن ۾ ڪيترائي ابهام سامهون آيا هئا ۽ آرڊيننس ۾ ڏوهه جي ماليت جي برابر  مچلڪا جمع ڪرائڻ جو شرط رکيو ويو هو