ملير (رپورٽر) سکڻ پوليس ڀينس ڪالوني ويجهو ڪارروائي ڪندي ٻن منشيات فروشن شريف الدين عرف اشرف ۽ نور رحمان کي گرفتار ڪري، سندن قبضي مان ڏيڍ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب گرفتار منشيات فروش شريف الدين عرف اشرف گهربل هو، جيڪو منشيات فروشن جي لسٽ ۾ شامل هو، جوابدارن وٽان ڏيڍ ڪلو گرام کان وڌيڪ چرس ڪري ڪيس داخل ڪيو آهي.