تحريڪ انصاف 9 مئي واقعن جي ذميوار ناهي: عمر ايوب

0
49

سني اتحاد ڪائونسل طرفان وزيراعظم جي عهدي لاءِ نامزد پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته تحريڪ انصاف 9 مئي واقعن جي ذميوار ناهي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن کي تشدد ڪري پارٽي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو

قومي اسيمبلي ۾ خطاب  ڪندي عمر ايوب چيو ته 8 فئبروري تي اليڪشن نه سليڪشن ٿي، اسان جو مينڊيٽ زوريءَ چوري ڪيو ويو، وزيراعظم پهرين ملڪ ۾ قانون  جي بالادستي جي ڳالهه ڪري

هن چيو ته 3 نومبر 2022ع تي ٿيل سانحي جو ذميوار شهباز شريف آهي، پي ٽي آءِ باني، اسان جو وائيس چيئرمين ۽ صدر سميت 10 هزار سياسي قيدي جيلن ۾ بند آهن، بشريٰ بي بي پي ٽي آءِ باني جي ڪمزوري نه طاقت آهي

هي به پڙهندا

هڪ ٽولو اڃا تائين ملڪ، فوج ۽ ادارن خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز شريف