گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪيءَ جي رهواسڻ عورت ڏير جي قتل ڪيس جي جوابدارن خلاف گهوٽڪيءَ جي عدالت  ۾ پهچي وئي. ڳوٺ ڳاڙهو دڙو جي رهواسڻ عورت مسمات حاجاڻي خاتون مهر پنهنجي مڙس سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته ڪجھه مهينا اڳ ڪراچيءَ جي فيڪٽري اندر پورهيو ڪندڙ سندس ڏير عبدالحميد مهر کي جوابدارن زهر واري انجيڪشن ڏئي قتل ڪري ڇڏيو هو. ساڳيا جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.