شھدادڪوٽ ( رپورٽر) شهدادڪوٽ ۾ پيراڻي  ٻرڙو، عبدالغفار ٻرڙو، عبدالحفيظ کوسو، عبدالصمد ٻرڙو احتجاج ڪندي چيو ته مڙس مرحوم محمد اسحاق ٻرڙو ميونسپل ۾ ھيڊ ڪلارڪ ھو، فوت ٿيڻ بعد 20 سال کان ملندڙ پينشن ايڊمنسٽريٽر بند ڪري ڇڏي آهي.ھن چيو ته مان دل جي مريض آهيان ھر مھيني پينشن وٺڻ بعد لاڙڪاڻي مان علاج ڪرائيندي آهيان، پئسا نه ھجڻ ڪري دوائون ناهن ورتيون، نوٽيس وٺي پينشن ڏياري وڃي.