ڪيٽي بندر (رپورٽ: آدم جانيارو) ڪيٽي بندر جي حجامڙو ٻيٽ تي قائم ٻن ڳوٺن علي حسن دبلو ۽ ايوب دبلو ۾ سامونڊي ويرون مٿي چڙھي اچڻ سبب ڳوٺ جي  ويھه گھرن  ۾ سمنڊ جو پاڻي اچي ويو آهي. متاثر ماڻهو گھرن تائين محدود ٿي ويا آهن. سمنڊ ۾ تيز طوفاني ھوائن سبب سمنڊ جون ويرون مٿي چڙھي اچڻ ڪري گھرن ۾ پاڻي اچڻ کان پوءِ ڳوٺاڻن جو ساھ مٺ ۾ اچي ويو آهي . ڪميونيڪيشن سروس نہ ھئڻ ڪري متاثر ڳوٺاڻا بي يارو مددگار ويٺل .سندن ڪنھن مدد نہ ڪئي آهي . ھوڏانھن متاثر ڳوٺاڻن علي حسن دبلو .گل شير .ايوب دبلو .شفيع دبلو چيو ته اسان جي ڳوٺن ڪالھ شام کان سمنڊ جو پاڻي آيو آهي .ھنن چيو ته اسان وٽ کائڻ لاءِ ڪجهه نه آهي .پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي بہ ختم ٿي ويو آهي .ھنن چيو ته اسان سڀ گھرن تائين محدود ٿي ويا آهيون . متاثر ڳوٺاڻن ضلعي ٺٽي جي انتظاميه کان مطالبو ڪيو آهي تہ جلد ريسڪيو ٽيمون موڪلي ھنن کي محفوظ جاين تي رھايو وڃي .