ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيي گهنور ۾ ملڪ ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان ئي منافعي خور واپارين  عام واھپي جي شين جا اگھ به چوٽ چاڙھي ڇڏيا , هتي اٽي جا اگھ 3200سئو مان  3500  سئو روپيه في مڻ مرغي 460 مان 500 روپيه في ڪلو پٽاٽا 40  مان 50 بصر 90 گوار 150 ميھا 160 ڀينڊي 150 روپيه في ڪلو جڏھن ته صوف 380  انگور 420  کجور 380  ڄمون 170 ۽ انب 150 کان 180روپيہ في ڪلو ڪري عوام مٿان مانگهائي  جو بم ڪرائي کين ويتر  مصيبتن ۾ ڌڪي ڇڏيو آھي, جڏھن ته ذريعن کان اھو به معلوم ٿيو آھي تہ  آفيسرن کي شھر جا با اثر واپاري پنھنجو حصو پتي ڏيئي خاموش ڪرايو ويٺا آھن, ھوڏانھن شھرين سائين بخش خاصخيلي , آڪاش ڪمار , ايوب نوتڪاڻي , عثمان سوڍو ۽ ٻين  ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھنن حڪمرانن مان رحم ختم ٿي ويو آھي جنھن جي   ڪري هنن  غريب عوام مٿان ظلم جي انتھا ڪري ڇڏي آھي, ھنن چيو ته ھن وقت حڪومت ۾سڀ چور  ۽ لٽيرا گڏ ويٺل آھن , جن ملڪ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آھي , هنن غريب ۽ مسڪين کان جئيڻ جو سهارو به کسي ورتو آھي , ملڪ ۾ مانگهائي  جو طوفان اچي ويو آھي , هاڻي غريب ماڻهو زندگي کان تنگ اچي خودڪشيون نه ڪندا ته پوء ڇاڪندا , سنڌ جا ماڻهو اڳي ئي پريشان هئا , ويتر هنن نااهل حڪمرانن  انهن جي پريشان ڪري ڇڏيو آھي , هاڻي  انصاف جي گھر ڪنھن کان ڪريون, تنھن ڪري ھاڻي صرف پاڪ فوج جي آرمي چيف , ڪورٽن جي ججن  کان مطالبو ٿاڪريون ته ملڪ کي بچائڻ لاء قدم کڻي ھن ظالم حڪمرانن کي گھر ڀيڙو ڪري غريب عوام کي خودڪشيون ڪرڻ کان بچايو وڃي, ۽ مانگهائي تي ضانطو ڪرائي  غريبن جي وات جو کسيل واپس ڪرائي کين فاڪاڪشي کان بچايو وڃي