ٽنڊوڄام (رپورٽ: مبين مگسي ) سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ يو بي ايل (پرائيويٽ بئنڪ) جي سهڪار سان ”هاري ميلو“ ۽ نيشنل ڪانفرنس ڪوٺائي  وئي، افتتاحي تقرير ڪندي زرعي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح مري چيو ته زراعت ملڪ جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، نجي شعبي کي ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ گهرجي، اسان کي نج ٻجن ۽ جانورن جي صحتمند نسلن جي تحفظ تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، جهن ته ويليو ايڊيشن، ويليو چين ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي به هٿي ڏيڻي پوندي،  هن چيو ته سنڌ جو 50 سيڪڙو علائقو ريگستاني آهي ۽ ماهرن کي گهرجي ته ان ۾ آرگنڪ فصلن جي پيداوار لاءِ منصوبا تيار ڪن، جنهن سان 100 سيڪڙو آرگنڪ ڀاڄيون ۽ ميوا پيدا ٿي سگهن ٿا، اسٽيٽ بئنڪ جي سينيئر جوائنٽ ڊائريڪٽر اڪرام الله قادري چيو ته هو زرعي ترقي لاءِ هارين لاءِ زرعي فنانسنگ کي وڌيڪ فروغ ڏئي رهيا آهن، زرعي يونيورسٽي گريجوئيٽ شاگردن لاءِ سمورن بئنڪن ۾ 100 انٽرنشپ جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي، هر بئنڪ کي 5 کان 10 انٽرن شپ جا موقعا پيدا ڪرڻ گهرجن. ايف اي او جي سنڌ ۾ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر روبينا وهاج چيو ته ايف اي او سنڌ ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ غربت کي خاتمي سميت مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ 6 ڪروڙ آبادي آهي، غذائي کوٽ جو شڪار آهي،آبادگارن جي اڳواڻ سيد محمود نواز شاهه چيو ته بئنڪن کي گهرجي ته هارين لاءِ زرعي فناسنگ کي آسان بڻائي ۽ ايڪسپورٽ لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو وڃي، مثالي آبادگار نبي بخش سٺيو چيو ته زرعي شعبو ملڪ جي جي ڊي پي ۾ نمايان اضافو ڪري رهيو آهي، ان کي وڌائڻ لاءِ آبادگارن جا مسئلا حل ڪري زراعت ۾ سيڙپڪاري ڪئي وڃي، هن چيو ته جيڪو شعبو ملڪي ترقي ۾ اڳڀرو آهي، اهو خود غربت جو شڪار آهي، تقريب کي يو بي ايل جي سهيل ملڪ، اعجاز سومرو، محمد اسماعيل ڪنڀر، عبدالستار ناريجو، فرقان سومرو، غلام حسين وڳڻ، مسز ندا اسد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ترڪي مان اسڪالر ڊاڪٽر خليل ابراهيم، آبادگار اڳواڻ سيد. نديم شاهه، ڊاڪٽر جان محمد مري، ڊين ڊاڪٽر قمر الدين چاچڙ، ڊاڪٽر الطاف سيال، ڊاڪٽر منظور علي ابڙو، مير امان الله ٽالپر، ڊاڪٽر ابراهيم ڪيريو، ڊاڪٽر ضياءَ الحسن شاهه، رجسٽرار غلام محي الدين قريشي، زاهده ڏيٿو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.