ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچيءَ ۾ پروگريسو اسٽوڊنٽس ڪليڪٽو طرفان آرٽس ڪائونسل کان پريس ڪلب تائين شھباز جوکيو، رمشا جاويد، ورثا پيرزادو ، جلال شاهه بخاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌوءَ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ريلي ڪڍي وئي.ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي جيئدان سنڌوء سان جڙيل آهي.  سنڌو ۾ پاڻي بدران واري اڏامي رھي آھي، لاڙ ۾ پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ ٿي ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي حصي جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي.