ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان بلادي موري ويجهو پوليس مقابلي ۾ هڪ جوابدار عبدالقدير کوسو کي  زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان ايس ايچ او مجيد آرائين ٻڌايو ته  بلادي موري ويجهو ڏوهارين سان مقابلو ٿيو، مقابلي دوران قدير کوسو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو،  زخمي ايڪٽو ۽ 4 ڪيسن ۾ اشتهاري  ڏوهاري طور گهربل هو، مٿس ٻيا به ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن، هوڏانهن زخمي عبدالقدير کوسو ٻڌايو ته منهنجي  طبعيت ٺيڪ نه هئي، دوا لاءِ وڃي رهيو هئس ته پوليس ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو آهي.