مبارڪپور ( ن پ ا ) جيڪب آباد شڪارپور قومي شاهراهه تي چنگچي رڪشا  ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل ڳوٺ ڪرم شاھ جي راھوسي نوجوان نعيم ٽانوري سور نه سهندي سکر ۾ فوت ٿي ويو، نوجوان جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا، نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کيس مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.