ڪريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ٿي ويو آهي: محمد حفيظ

0
385

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان محمد حفيظ ڪريبيئن پريميئر ليگ سان معاهدو ٿي ويو آهي. ان ڏس ۾ قومي ٽيم جي آل رائونڊر محمد حفيظ ڪريبيئن ليگ ۾ گيانا واريئرز جي نمائندگي ڪندو، حفيظ کانسواءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا ٻيا رانديگر به پي سي پي ايل ۾ ايڪشن ڏيکاريندا. محمد حفيظ 2017 ۽ 2019ع ۾ سينٽ ڪٽس ۽ نيوس پيٽريوٽس جي نمائندگي ڪئي هئي. ليگ جي شروعات پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز بعد ٿيندي، سي پي ايل بائيو ببل ۾ 28 آگسٽ کان شروع ٿيندي، ليگ ۾ 33 ميچز کيڏيون وينديون.