ڪراچي ۾ پُٽ هٿان پوليس انسپيڪٽر پيءُ قتل

0
216

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ گودام چورنگي وٽ پوليس انسپيڪٽر ديدار عباسي کي پنھنجي پٽ گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته انسپيڪٽر تي پٽ ڪامران فائر ڪيا، جوابدار ڪامران پيءُ کي مارڻ بعد فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول انسپيڪٽر بوٽ بيسن ٿاڻي تي جاچ شعبي ۾ مقرر ھو، مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ جوابدار جي گرفتاريءِ لاءِ ڪارروائي به تيز ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته انسپڪٽر پنھنجي پٽ کي ڪالهه مار ڏني، اڄ ھن کيس قتل ڪري ڇڏيو، واقعو مبينه طور ملڪيت جي تڪرار تان پيش آيو،مقتول انسپيڪٽر ديدار ميمڻ ڳوٺ جي ايس ايڇ او خالد عباسي جو وڏو ڀاءُ ھو ۽ مقتول انسپيڪٽر جو تعلق شھدادڪوٽ سان ٻڌايو پيو وڃي.