ڪراچي ۾ معمولي ڳالهه تان قمبر واسي نوجوان قتل، 2 دوست زخمي

0
570

ڪراچي (رپورٽ: نذير ميمڻ) ڪراچي ۾ قمبر واسي نوجوان قتل ٿي ويو، سندس ٻه دوست زخمي ٿي پيا

گلشن معمار ۾ رات دير سان معمولي ڳالھه تان جهيڙي تان قمبر واسي نوجوان قتل ٿي ويو، سندس 2دوست زخمي ٿي پيا

قمبر واسي مقتول عادل جاگيراڻي جو لاش ۽ زخمي ٿيل عديل ۽ شير خان کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

وارثن موجب جوابدار عباس شاھه ٻارن کي پارڪ مان ڪڍيو، جنهن تي نوجوان عادل جاگيراڻي منع ڪيو

جوابدار عباس شاھه ۽ اعجاز شاھه ڪلاشنڪوف سان فائر ڪري نوجوان کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو آهي

مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان سان ظلم ڪيو ويو آهي، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي

جڏهن ته پوليس جوابدار عباس شاھه ۽ اعجاز شاھه کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب معاملي جي جاچ هلي رهي آهي

هي به پڙهندا

ڪراچي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 4 ڦورو مارجي ويا، اهلڪار سميت 3 ڄڻا زخمي