آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ عورت اسسٽنٽ پروفيسر کي مبينا طور حراسان ڪرڻ جو انڪشاف

0
379

لاڙڪاڻو: آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ عورت اسسٽنٽ پروفيسر کي مبينا طور حراسان ڪرڻ جو انڪشاف، آصفه ڊينٽل ڪاليج  ۾ عورت  اسسٽنٽ پروفيسر  کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي درخواست داخل ڪئي وئي آهي

ڊاڪٽر شمائلا شيخ  پاران 3 سالن کان  حراسان ڪرڻ خلاف صوبائي محتسب تحفظ هراسمينٽ سيل ڪراچي ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي

اسسٽنٽ پروفيسر شمائلا شيخ پاران داخل  ڪيل درخواست ۾ يونيورسٽي جي پروفيسر سيد يوسف شاھه تي حراسان ڪرڻ جو الزام هنيو ويو آهي

متاثر عورت شمائلا شيخ موجب ٽن سالن کان مسلسل پروفيسر يوسف شاھه مختلف طريقن حراسان  ڪري رهيو آهي

شمائلا شيخ موجب پروفيسر يوسف شاھه کي گهڻو برداشت  ڪيو آهي، شاهدن سان گڏ عدالت ۾  ثبوت پيش ڪنديس، انصاف ڪيو وڃي