اسرائيل جو  حد ڪراس ڪرڻ ڪنهن کي به ان خلاف ڪارروائي تي مجبور ڪري سگهي ٿو: ايراني صدر

0
176
اسرائيل جو  حد ڪراس ڪرڻ ڪنهن کي به ان خلاف ڪارروائي تي مجبور ڪري سگهي ٿو: ايراني صدر
اسرائيل جو  حد ڪراس ڪرڻ ڪنهن کي به ان خلاف ڪارروائي تي مجبور ڪري سگهي ٿو: ايراني صدر

ڪراچي (م ڊ) ايران جي صدر ابراهيم رئيسي  اسرائيل جي غزه خلاف کنيل قدمن تي خبردار ڪندي چيو آهي ته اسرائيل هاڻ حد اورانگهي ڇڏي آهي، جيڪا ڪنهن کي به ان خلاف ڪارروائي تي مجبور ڪري سگهي ٿي

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي پنهنجي تي بيان ۾ ايراني صدر رئيسي وڌيڪ چيو ته واشنگٽن اسان کي ڪو به قدم نه کڻڻ جو چوي ٿو پر گڏ ئي اسرائيل جي وسيع حمايت جاري رکيون ويٺو آهي

هن چيو ته آمريڪا مزاحمت اتحاد کي پيغام موڪليا پر ان جو جواب ان کي واضح طور تي جنگ جي ميدان ۾ مليو،

مزاحمت اتحاد مان مراد پوري وچ اوڀر ۾ ايران جي حمايت يافته فورسز جو نيٽ ورڪ آهي جنهن جو حماس هڪ حصو آهي

واضح رهي ته آمريڪي عملدارن ايران کي خبردار ڪندا رهيا آن ته هو اسرائيل ۽ حماس جي جنگ کان پري رهن، ڇو ته هو وسيع تر علائقائي تڪرار کي روڪڻ جا خواهشمند آهن

هي به پڙهندا

حماس کي ائين ختم ڪبو جيئن دنيا نازين کي ڪيو هو: اسرائيل