حماس کي ائين ختم ڪبو جيئن دنيا نازين کي ڪيو هو: اسرائيل

0
150

اسرائيل گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو غزه ۾ جنگبندي وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو

اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن چيو آهي ته يو اين جنرل اسيمبلي جو مطالبو رد ڪيون ٿا، اسرائيل حماس کي ختم ڪرڻ جو ائين ارادو رکي ٿو جيئن دنيا نازين ۽ داعش سان ڪيو هو

گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي غزه ۾ فوري جنگبندي جي مطالبي تي ٻڌل ٺهراءَ جي اڪثريتي راءِ سان منظور ڏني

عرب ملڪن پاران پيش ڪيل گڏيل قرارداد جي 120 ملڪن حمايت ۽ 14 ملڪن مخالفت ڪئي، 45 ملڪ ووٽنگ واري عمل مان غير حاضر رهيا

گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو آهي ته غزه ۾ 20 لک انسان تباهيءَ کي منهن ڏئي رهيا آهن، غزه ۾ شهرين لاءِ تصور نه ڪرڻ جوڳي تباهي آهي

هن چيو ته سڀ پنهنجيون ذميواريون ادا ڪن، ٻي صورت ۾ تاريخ اسان جو فيصلو ڪندي