ڪراچي: نينگر جي اغوا ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي موت جي سزا

0
322

ڪراچي: 15 سالن جي نينگر جي اغوا ۽ قتل واري ڪيس ۾ ڏهه ثابت ٿيڻ تي عدالت ٻن جوابدارن کي ٻه ٻه ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدارن ۾ قاري عبدالمجيد ۽ قاري احسن شامل آهن، عدالت جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. مدعي محمد عارف عدالت کي استدعا ڪئي هئي ته منهنجو پٽ عبدالمعز 26 جون 2016 تي گهران ويو پر واپس نه آيو، جوابدارن منهنجي پٽ جي آزادي لاءِ 7 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، جوابدارن کي 4 لک روپيا ڀنگ ادا ڪيو. پراسيڪيوٽر اقبال مييو ٻڌايو ته جوابدارن نينگر جي جسم جا ٽڪرا ڪري ڇڏيا هئا ۽ سندس منڍي شاپر ۾ وجهي نيٽي جيٽي پل تان هيٺ اڇلائي هئي.