ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سپر هاءِ وي جي گرين بيلٽ تي ريتي، بجري ۽ ٻيو تعميراتي سامان رکڻ خلاف درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن، ڪراچي جي ڪمشنر، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڊائريڪٽر ۽ ٻين کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. ڪالهه مقامي شهري عبدالستار سوريا ۽ ٻين پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ريتي، بجري ۽ ٻيو تعميراتي سامان توڙي سرڪاري تعميراتي منصوبن جو ملبو رکڻ سبب رهائشي علائقا متاثر ٿيا آهن، شهرين ۾ ساهه جون بيماري ڦهلجي رهيون آهن، مين سپر هاءِ وي ۽ آسپاس جي رهواسين کي اچ وڃ ۾ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، درخواست ۾ وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته غير قانوني طور تي ڊمپرز ۽ لوڊرز جا اڏا پڻ قائم ڪيا ويا آهن.