ڪراچي جي وڏي حصي ۾ بجلي بند، مختلف علائقن ۾ برسات

0
283
حڪومت بجلي جي قيمتن

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي 1900 مان 1400 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، 80 سيڪڙو علائقا اونداهي ۾ ٻڏل رهيا، ڪراچي ۾  سخت گرمي کانپوءِ بوندا باندي ٿي، جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، جڏهن ته انهي دوران ئي 80 سيڪڙو شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويو، ڪي اليڪٽرڪ جي 1900 فيڊرن مان 1400 فيڊر ٿي ويا، جنهن سبب نارٿ ناظم آباد، نيو ڪراچي، ملير، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ايم اي جناح روڊ، صدر، ڊفنيس ۽ ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي بند ٿي وئي هئي، جنهن سبب رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا هئا، هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ موجب نيشنل گرڊ اسٽيشن مان ايندڙ هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي جي ڪري بجلي بند ٿي وئي آهي، 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين جي بحالي لاءِ اين ٽي ڊي سان رابطي ۾ آهيون.

ڪراچي: ڪراچي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون، شهر جو 80 سيڪڙو علائقو بجلي کان محروم ٿي ويو، هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي سبب ڪي اليڪٽرڪ جا 1900 مان 1400 فيڊر ٽرپ ٿي ويا، ذريعن موجب ڄامشوري ۾ اين ٽي ڊي سي جي يارڊ تي وڄ ڪرڻ سبب حيسڪو ۽  ڪي اليڪٽرڪ  کي بجلي فراهمي معطل ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته نيشنل گرڊ مان ايندڙ 500 ڪي وي جي هاءِ ٽرانسميشن لائين ۾ خرابي ٿي، صورتحال تي اين ٽي ڊي سي سان رابطي ۾ آهيون، حيسڪو رينجزن جو 71 گرڊ اسٽيشن به بند ٿي ويون، مٽياري، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ،ٽنڊو آدم، بدين، ٿرپارڪر، ٽنڊو محمد خان ۽ ڪوٽڙي ۾ به بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي، نيشنل ٽرانسميشن لائين مان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي آهي.