ڪراچي ( م ڊ )ڪراچي جي ضلعي اولهه جي مختلف ٿاڻن تي عورت پوليس اهلڪارن کي هيڊ محرر ۽ ڪرائم  محرر جهڙن اهم عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي اولهه فرخ رضا موجب اهڙا قدم آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي حڪمن تي کنيا ويا آهن، ۽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن ۾ ليڊيز اهلڪارن کي محرر ۽ ڪرائم محرر طور مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته عورت اهلڪارن کي اولهه ضلعي جي ٿاڻن اورنگي، مومن آباد، منگهو پير، پير آباد، پاڪستان بازار ۽ اقبال مارڪيٽ ۾ محرم ۽ ڪرائم محرر ۽ ڊيوٽي منشي طور مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي ليڊي پوليس اهلڪارن لاڳاپيل ٿاڻن ۾ جارچ سنڀاليندي ئي پنهنجا فرض انجام ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته عورت پوليس اهلڪارن کي محرر ۽ ڪرائم محرر طور مقرر ڪرڻ جو مقصد درخواست گذار متاثر عورتن کي پنهنجا مسئلا بيان ڪرڻ ۾ سولائي ۽ سهولت ڏيڻ آهي.