بدين (رپورٽر) بدين جي مختيارڪار آفيس ۾ تپيدار وڙهي پيا، جن هڪ ٻئي کي ٺاهوڪي ڦَيههَ ڏني. ٻڌايو پيو  وڃي ته بدين جي مختيارڪار آفيس ۾ بدين تپي جي تپيدار اسماعيل ميمڻ ۽ کير ڊهي تپي جو تپيدارنويد سومرو رڪارڊ جي معاملي پاڻ ۾ وڙهي پيا جنھن دوران هڪٻئي کي گارگند ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي سخت مارڪٽ پڻ ڪئي، انھي دوران آفيس ۾ موجود عملي ۽ ماڻهن وچ ۾ پئي کين ڇڏائي ورتو.