حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي مطالبن جي مڃتا لاءِ 29 جون تي ڪراچي پريس ڪلب  سامهون ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ٽيچرس ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي جو اجلاس پريس ڪلب جي آڊيٽوريم هال ۾ منعقد ٿيو. ڪاميٽي جي مرڪزي آرگنائيزنگ ڪاميٽي جي ميمبرن عمران جوڻيجو، انيتا خان، صادق مهيري، ارشد مشوري ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گذريل 7 جون تي حڪومت مطالبن جي مڃتا جو يقين ڏياري سندن احتجاج ختم ڪرايو هو پر 15 ڏينهن گذرڻ باوجود حڪومت طرفان ڪو به جواب نه آيو آهي. هنن چيو ته حڪومت کي 13 نقاطي چارٽر آف ڊمانڊ پيش ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 2001ع جي استادن کي 14هين گريڊ ۾ ترقي، پي ايس ٽي، جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي استادن جي پروموشن، 2001ع ۾ ڀرتي ٿيل استادن کي ڀرتي واري تاريخ کان ريگيولر ڪرڻ، عدالتي حڪم مطابق گروپ انشورنس جي ادائيگي، يا سي ٽي، جي ايس ٽي ۽ اين ٽي ايس جي رهيل استادن کي ريگيولر ڪرڻ سميت ٻيا مطالبا شامل آهن. هنن چيو ته هو سنڌ سرڪار ۽ تعليم کاتي کي چارٽر آف ڊمانڊ تحت مطالبن جي مڃتا لاءِ 28 جون تائين جي مهلت ڏين ٿا ۽ جيڪڏهن ان تاريخ تائين سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته هو 29 جون تي ٻيهر ڪراچي پريس ڪلب سامهون ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا تائين پنهنجو جاري رکندا.