ڪامورن جي ٻيهر اٿل پٿل: ثقافت ۽ ڪوآپريٽو سيڪريٽرين ۽ ڊي جي فوڊ کي هٽائڻ جو فيصلو

0
61
ڪامورن جي ٻيهر اٿل پٿل: ثقافت ۽ ڪوآپريٽو سيڪريٽرين ۽ ڊي جي فوڊ کي هٽائڻ جو فيصلو
ڪامورن جي ٻيهر اٿل پٿل: ثقافت ۽ ڪوآپريٽو سيڪريٽرين ۽ ڊي جي فوڊ کي هٽائڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت پاران ثقافت ۽ ڪوآپريٽو  کاتن جي سيڪريٽرين ۽ سنڌ فوڊ  اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل کي هٽائي رپورٽ ڪرائڻ جو فيصلو، پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي 9 آفيسرن سميت 17 کاتن جي 19 آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين لاءِ اليڪشن ڪميشن کان منظوري وٺڻ لاءِ خط لکيو ويو

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ حڪومت پاران 20هين گريڊ جي آفيسرن جي وڏي پيماني تي بدلين ۽ مقررين بابت تفصيلي فهرست تيار ڪري ورتي آهي. ان حوالي سان سروسز اينڊ جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ اختيارين کي خط لکي بدلين لاءِ منظوري گهري ورتي آهي

سروسز کاتي جي اختيارين پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20ھين گريڊ جي وسيم شمشاد کي پبلڪ ھيلٿ ۽ احمد بخش ناريجو کي عورتن جي ترقي واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي، ساڳئي ريت پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل اطھر ميراڻي کي ڊي جي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

جڏهن ته  ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي  طاھر سانگي کي بدلي ڪري کيس معدني وسيلن واري کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪيو وڃي، اهڙي طرح ماحوليات کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري احمد سلطان کوسو کي بدلي ڪري کيس اقليتي معاملن واري کاتي ۾ سيڪريٽري ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل ابوبڪر احمد کي انفارميشن ٽيڪنالوجي کاتي ۾ سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وڃي

پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل زبير پرويز کي ايم ڊي سيپرا، سيپرا جي 20هين گريڊ جي ڊائريڪٽر شاديه جعفر کي بدلي ڪري ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي مقرر ڪرڻ ۽ ڊي جي سنڌ فوڊ اٿارٽي جي عهدي تي ويٺل 19هين گريڊ جي آفيسر آغا فخر حسين کي ھٽائي رپورٽ ڪرائڻ لاءِ منظوري جي سفارش ڪئي وئي آهي

خط ۾ ثقافت کاتي جي سيڪريٽري عليم لاشاري کي به ھٽائي رپورٽ ڪرائڻ ۽ پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هن گريڊ جي خالد چاچڙ کي سيڪريٽري ثقافت مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20هين گريڊ جي انجم اقبال جماڻي کي ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۾ ڊي جي مقرر ڪرڻ ۽ ايم ڊي سيپرا روبينه آصف کي بدلي ڪري کيس صحت کاتي ۾ ڊي جي مانيٽرنگ اينڊ ايووليوشن مقرر ڪرڻ لاءِ به اليڪشن ڪميشن کان منظوري گھُري وئي آهي

پوسٽنگ جي انتظار ۾ شريف شيخ جي ڊي جي گورک ھل اسٽيشن اٿارٽي ۽ ڪچي آبادي جي ڊي جي گھنور لغاري کي سيڪريٽري ھيومن سيٽلمينٽ مقرر ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي، جڏهن ته توانائي کاتي جي سيڪريٽري فياض عباسي کي بدلي ڪري ڪمشنر سکر مقرر ڪرڻ ۽ سکر جي ڪمشنر شمس الدين صديقي کي بدلي ڪري سيڪريٽري ڪوآپريٽو مقرر ڪرڻ بعد اتي موجود شاھد عبدالسلام کي ھٽائي رپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي

اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل 20ھين گريڊ جي انجنيئر اختر بگٽي کي ڊي جي صوبائي محتسب ۽ ٿرڪول بورڊ جي ايم ڊي جلال الدين مھر کي بدلي ڪري گھرو کاتي ۾ اسپيشل سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي