کدڙي سان ڀيٽ ڪرڻ تي ايمان علي تنقيد جي ور چڙهي وئي

0
286

ڪراچي (شوبز نيوز) ماڊل ۽ اداڪارا ايمان علي پاران پنهنجي ڀيٽ ”کدڙي“ سان ڪرڻ تي مٿس ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.هڪ نجي ٽي وي چئنل پروگرام ۾ خيالن جو اظهار ڪندي ايمان علي چيو هو ته مان گهڻا ڀيرا چئي چڪي آهيان ته پاڻ کي ۽ پنهنجي شڪل کي پسند ناهيان ڪندي، جيتوڻيڪ ماڻهو مون کي ڏاڍو پسند ڪندا آهن ۽ چوندا آهن ته توهان خوبصورت آهيو پر پاڻ کي آئيني ۾ ڏسي لڳندو آهي ته اهي ڪوڙ ٿا ڳالهائن، رڳو اهو ئي نه پر جڏهن موبائل ۾ مختلف طريقن سان سيلفيون ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ته لڳندو آهي ڄڻ ڪو کدڙو بيٺو آهي.ايمان علي جو بيان گهڻن ماڻهن کي پسند ناهي آيو ۽ اهي اداڪارا تي ڇتي تنقيد ڪري رهيا آهن، جن ۾ مقبول اينڪر رابعا انعم ۽ پاڪستان جي پهرين کدڙو فقير ماڊل ڪامي سڊ به شامل آهي.رابعا انعم پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته ”ڪو ته اهڙن بي وقوف اداڪارن جو وات بند ڪرائي، هر ٻئي ڏينهن ڪا نه ڪا بي وقوفاڻي حرڪت سامهون اچي ويندي آهي، ايمان سوچي ٿي ته کدڙي جهڙو لفظ استعمال ڪرڻ صحيح آهي ۽ ان جهڙن ماڻهن کي شو ۾ پئسا ڏئي گهرايو ويندو آهي“.ڪامي سڊ اداڪارا جي بيان کي پنهنجي برادري لاءِ توهين قرار ڏيندي چيو ته ”کدڙو هجڻ ۾ ڪا برائي ناهي، اسان سڀ رب جي تخليق آهيون ۽ اسان ڪيئن ٿا ان خلاف وڃي سگهون، کدڙا به سڀني وانگر نارمل زندگي گذاريندا آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته ماڻهو ان لفظ کي حقير ڇو سمجهندا آهن“.