پشاور پبلڪ اسڪول ڀرسان ڌماڪو

0
206

پشاور (م ڊ) پشاور پبلڪ اسڪول ڀرسان ڌماڪو، 3 ٻارن سميت 7 ڄڻا زخمي، ڌماڪي جي وڊيو سامهون اچي وئي، بابو ڳڙهي اسٽاپ  وٽ روڊ ڪناري نصب ڪيل بم ڦاٽي پيو

 ڌماڪي جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ آيو، ڌماڪي ۾ 3 ٻارن سميت  7 شهري  زخمي ٿي پيا،  زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

زخمين ۾ احسان الله، احمد ضياءُ، جاويد، نعمت، شاڪر، يوسف ۽ سعد شامل،  پوليس موجب ڌماڪو نجي بئنڪ ۽ اسڪول ڀرسان ٿيو

ڌماڪي ۾ ٻن گاڏين کي  نقصان پڻ پهتو، عمارت جا شيشا ٽٽي پيا، ڌماڪي بعد سڪيورٽي ادارن علائقي کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو

 ايس ايس پي ارشد خان موجب ڌماڪو صبح 9 لڳي 10 منٽن تي ٿيو، ڌماڪي ۾ 4 ڪلو بارودي مواد استعمال استعمال ٿيو