نوابشاهه (بيورو رپورٽ) سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پليو مگسي ۾ ڳوٺ مياڻ واسي موٽرسائيڪل رڪشا تي مڇي کپائيندڙ 35 سالن جي پورهيت الاهي بخش ملاح جو لاش ھٿ آيو آھي، جنهن لاءِ چيو پيو وڃي ته پورهيت رڪشا ڪلٽي ٿيڻ سبب فوت ٿيو آھي. جڏهن ته وارثن جو چوڻ آھي ته رڪشا ڪلٽي ٿيڻ جي ڪا شاهدي نه ملي آھي ۽ فوتي کي مٿي ۾ پويان کان ڌڪ لڳل آھي جڏهن ته واقعو پراسرار لڳي رهيو آھي ۽ قتل جو شڪ ڏيکاريو پيو وڃي، هوڏانهن واقعي بابت پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد معاملي جي وڌيڪ خبر پوندي.