لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ مبارڪ ميربحر واسي 23 ورهين جي آصف علي ميربحر گهرو اڻبڻت تان وڻ ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن ٿڏي تي ڏسي بيهوشي جي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن نوجوان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته هن گهرو معاملي تان وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪئي، ضروري ڪارروائي بعد نوجوان جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.