ناري کي اغوا بعد جبري طور مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف

0
280
ناري کي اغوا بعد جبري طور مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف
ناري کي اغوا بعد جبري طور مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف

چيلهار ويجهو ناري کي اغوا بعد جبري  طور مذهب تبديل ڪرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڳوٺ هرپار مان فرار ٿي ڳوٺ  جنجهير پهتل ناري مڙس ۽ ڳوٺ جي بااثرن خلاف احتجاج ڪيو ۽ سنگين الزام هنيا

گڏي ڪولھي چيو ته سال اڳ ڳوٺ جا بااثر  زبردستي اغوا ڪري ميرپورخاص کڻي ويا، جبري طور مذھب تبديل ڪرائي  رستم جوڻيجو سان شادي ڪرائي وئي جنهن هڪ سال تائين قيد ۾ رکيو

ناري الزام هنيو ته ڳوٺ ھرپار ۾ ھٿن ۽ پيرن ۾ سنگرون هڻي قيد ڪيو ويو هو، اڄ وجهه وٺي ڳوٺ جنجهير ۾ پناهه ورتي آهي

گڏي ڪولهي چيو ته امڙ چيو بااثرن سان نٿا پڄي سگهون، جيڪا تنهنجي قسمت، پيءُ ذهني طور معذور ٿي ويو آهي