ميرپورخاص ۾ نوجوان ناري مبينا اغوا

0
267

ميرپورخاص (ن پ ا) ميرپورخاص جي محمود آباد واري علائقي مان نوجوان ناري ڪومل بلوچ مبينا طور اغوا ٿي وئي ۽ سندس چاچي پيرسن گل بهار تي تشدد ڪيو ويو آهي، ناري جي چاچي سميت گهر ڀاتين احتجاج ڪندي چيو آھي ته 11 سال اڳ جوابدار ناري جي والد ۽ امڙ کي قتل ڪري معصوم ناري کي کڻي جوابدار فرار ٿي ويا هئا ۽ ڪجهه عرصي بعد ناري سان زبردستي شادي ڪئي وئي هئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ ناري وجهه وٺي اسان جي گهر پهتي، ناري جي بغير رضامندي جي ٿيل نڪاح ختم ڪرائڻ لاء عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جيڪو ڪيس هلندڙ آهي، زبردستي نڪاح ڪندڙ قاتل مڙس ڪورٽ وڃڻ بدران پنهنجي ساٿين سان اسان جي گهر اچي يتيم ناري کي تشدد ڪندي اغوا ڪري ويا آهن، محمود آباد پوليس فرياد ٻڌڻ لاء تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايس ايس پي سميت وس وارن کي متاثر خاندان مدد ڪرڻ سميت انصاف ڏيارڻ جي اپيل ڪئي آهي، هوڏانهن محمود آباد پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او جو چوڻ آھي ته سندس مڙس آچو وٺي ويو آھي الزام ھيٺ آيل جوابدارن جا نمبر بند آهن ناري کي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون.