ميرپورخاص جي شهرين پاران ووٽ وٺڻ ايندڙ اميدوارن کان سخت پڇاڻو، پراڻن بدران نون کي آزمائڻ جو اعلان

0
59
ميرپورخاص جي شهرين پاران ووٽ وٺڻ ايندڙ اميدوارن کان سخت پڇاڻو، پراڻن بدران نون کي آزمائڻ جو اعلان
ميرپورخاص جي شهرين پاران ووٽ وٺڻ ايندڙ اميدوارن کان سخت پڇاڻو، پراڻن بدران نون کي آزمائڻ جو اعلان

ميرپورخاص(رپورٽ فهد سلطان چانڊيو) ميرپورخاص شهر جيڪو 08 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ صوبي جو 04 نمبر وڏو شهر آهي هتي گذريل اليڪشن ۾ قومي تڪ اين اي 218 ۽ هاڻوڪي تڪ اين اي 211 تان پيپلز پارٽي کان ناراض آزاد اميدوار سيد علي نواز شاهه ڪامياب ٿيو جڏهن ته صوبائي تڪ پي ايس 47 هاڻي پي ايس 45 تان پيپلز پارٽي جو اميدوار هري رام ڪشُوري لال ڪامياب ٿيو ۽ پاڻ ٻن کاتن منارٽي افيئرز ۽ خوراڪ کاتي جو وزير پڻ رهيو آهي جڏهن ته گذريل 05 سالن جي حڪومتي دور ۾ هن شهر جي حالت سڌري نه سگهي آهي

ميرپورخاص کي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽر جو درجو ته ڏنو ويو پر هتي 2 ارب 4 ڪروڙ 98 لک جي لاڳت سان شروع ٿيندڙ ميڊيڪل ڪاليج جو ڪم هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم خرچ ٿيڻ باوجود ڪيترن ئي سالن کان رولڙي جو شڪار بڻيل آهي، جڏهن ته 2016 ۾ ڪم شروع ٿيڻ بعد اهيا اسڪيم هڪ سال ۾ مڪمل ٿيڻي هئي پر 7 سال گذرڻ باوجود ڪم مڪمل نه ٿي سگهيو آهي, ان کانسواءُ ڪا به سرڪاري سطح تي يونيورسٽي نه هجڻ سبب هتان جي نوجوانن کي ڪراچي حيدرآباد يا ٻين شهرن ڏانهن تعليم حاصل ڪرڻ لاءُ وڃڻو پوي جڏهن ته غريب مزدور طبقي جو ٻار اڳتي تعليم نٿو پرائي سگهي,سال 2017 ۾ اڳوڻي ايم پي اي هري رام ڪشوري لال پاران شهر لاء هڪ ارب کان وڌيڪ جي لاڳت سان ميگا ڊرينيج پروجيڪٽ شروع ڪرايو هو جنهن ۾ 3 ارب 70 ڪروڙ خرچ ٿيڻ باوجود 6 سال کان مڪمل ناهي ٿي سگهيو,جنهن ڪري شهر جي روڊن کي هنڌان هنڌان کوٽي کنڊر بڻايو ويو آهي،جڏهن ته سول اسپتال کي ڊسٽرڪٽ اسپتال بڻايو ويو آهي

80 ڪروڙ کان وڌيڪ جا فنڊز هجڻ باوجود اسپتال ۾ ڪيترائي وارڊ جنهن ۾ برنس وارڊ،ٽراما سينٽر، يورولوجي، نيورولوجي،آئي سي يو،ايچ ڊي يو سميت ٻيا وارڊ اڃا تائين غير فعال بڻيل آهن, جڏهن ته صحت جي سهولتن جي حوالي سان سول اسپتال ۾ 50 سيڪڙو اهم ڊاڪٽرن جنهن ۾ نيورو سرجن,يورو سرجن,برنس وارڊ لاء سرجن،آئي سي يو ۽ ايچ ڊي يو جو عملي جي کوٽ برقرا آهي جڏهن تي ٻارن جي پيڊز وارڊ لاءِ ماهر ڊاڪٽر ۽ سرجن جي 05 پوسٽن مان 04 پوسٽون خالي پيل آهن

دوائڻ جي مد ۾ 27 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بجٽ هجڻ باوجود دوائن جي کوٽ جي حوالي سان اڪثر غريب مريض سراپا احتجاج بڻيل رهن ٿا جڏهن ڪروڙين روپين جي ٽراما سينٽر جي مشينري ڪيترن سالن کان سڙي رهي آهي پر ٽراما سينٽر قائم نه ٿي سگهيو آهي ان کانسواءُ برنس وارڊ، ڪئنسر وارڊ سميت اين آئي وي سي ڊي جي ڪاب سهولت نه هجڻ سبب غريب ماڻهو وڏن شهرن مان پئسن عپوض علاج ڪرائڻ تي مجبور بڻيل آهي جڏهن ته نوجوانن کي راندين جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءُ شهر ۾ قائم راندين جا ميدان جنهن ۾ گاما اسٽيڊي،مهاجر ڪالوني گرائونڊ,سيٽلائٽ ٽائون گرائونڊ مڪمل تباھ بڻيل آهن جنهن ڪري ڪيترائي نوجوان سماجي براين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن ان کانسواءُ شهر جي مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي لاءُ قائم واٽر فلٽر پلانت مڪمل ناڪارا هجڻ سبب پيئڻ جي صاف پاڻي جي فقدان سميت صفائي سٿرائي ۽ روڊ رستا بهتر نه آهن