قمبر ۽ ڪوٽ غلام محمد ۾ ٻن ڄڻن آپگهات ڪري ڇڏيو

0
211

قمبر/ ڪوٽ غلام محمد (نمائندن وٽان) قمبر ڀرسان اڌڙوٽ شخص مبينا طور تي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺ ٻير شريف جي رھواسي 40 سالن جي نوجوان عبدالشڪور تنيو بيروزگاري کان تنگ اچي گاڊر ۾ رسو ٻڌي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ فوتي جي ڀاءُ عبدالڪريم ٻڌايو ته منھنجو ڀاءُ شادي شده ھيو، ڪافي عرصي کان بيروزگار ھيو جنھن سبب قرضي پڻ ٿي ويو هو، جنهن سبب تنگ ٿي پاڻ کي ڦاھو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، هوڏانهن ڪوٽ غلام محمد ڀرسان ڳوٺ محمد لنڊ ديهه 288 ۾75سالن جي پيرسن محمدلنڊ ڪينسر جي بيماري کان بيزار ٿي پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي جي اطلاع تي ڪوٽ غلام محمد پوليس پهچي پيرسن جو لاش تعلقي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.