فيض گنج ۾ رولو ڪتن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي وڌو، وئڪسين ڪرڻ کان انڪار

0
235
سنڌ جا ماڻهو ڪتن جي وات

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جي وئڪيسن ڪرڻ وارو عمل بند هجڻ ڪري متاثرين سخت ڏکيائن کي منهن ڏيڻ لڳا، فيض گنج تعلقي جي مختلف علائقن ۾ رولو ڇتن ڪتن ٽن معصوم ٻارن سميت 15ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو ڪتن جي ڏاڙهيلن کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ قائم اينٽي ريبپر سينٽر آندو ويو جتي انتظاميه ماڻهن کي وئڪسين ڪرڻ کان انڪاري ڪري سمورن ماڻهن کي واپس ڪري ڇڏيو، اسپتال انچارج ڊاڪٽر فدا لاشاري جو چوڻ آهي ته اسان کي عدالتي حڪم مليو آهي ته جنهن به ماڻهو کي ڪتو ڏاڙهي اهو پهريان ڪيس داخل ڪرائي ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي کڻي اچي ياٿاڻي جو ليٽر کڻي اچي جنهن بعد وئڪيسن ڪيو ، هن چيو آهي ته تعلقي جي مختلف علائقن ۾ هڪ مهيني اندر 285 ماڻهن کي رولو ڇتن ڪتن ڏاڙهيو هو پر ان وقت عدالتي حڪم نه هو، جن کي وئڪسين ڪئي هئي، هن وقت به وئڪيسن موجود آهي پر اسان عدالتي حڪم تي عمل ڪندي وئڪيسن وارو عمل روڪيو آهي .