عمر شريف جي طبيعت ۾ بهتري، سي سي يو کان وارڊ منتقل

0
151

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪار ۽ ڪاميڊين عمر شريف جي پٽ جواد عمر والد جي طبيعت ۾ بهتري جي حوالي سان مداحن کي آگاهه ڪيو آهي.عمر شريف جي پٽ جواد عمر خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ڊاڪٽرن پيءُ عمر شريف جي طبيعت کي سنڀالي ورتو آهي، والد کي سي سي يو کان پرائيويٽ وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.جواد عمر جو چوڻ هو ته ايئر ايمبولنس اچڻ ۾ وڌيڪ هڪ کان 2 ڏينهن لڳي سگھن ٿا، ايئر ايمبولنس جي اچڻ کان پوءِ والد علاج لاءِ آمريڪا روانو ٿي ويندو.ٻئي پاسي عمر شريف کي علاج لاءِ آمريڪا کڻي ويندڙ ايئرايمبولنس ڪمپني طرفان به هڪ اي ميل موصول ٿي آهي.اي ميل موجب عمر شريف جي فيملي جو ڪو به فرد ايئر ايمبولنس ۾ سفر نه ڪري سگھندو جڏهن ته ايئر ايمبولنس کي واشنگٽن تائين پهچڻ لاءِ ٻن هنڌن تي اسٽاپ ڪرڻو پوندو.ڪمپين جي اي ميل ۾ چيو ويو آهي ته مريض سان گڏ سفر ڪندڙن لاءِ يورپ ۽ ڪينيڊا جا ويزا هجڻ گھرجن.عمر شريف جا گھرڀاتي ڪمرشل اڏام ذريعي آمريڪا ويندا،