عامر لياقت جي همت آهي جو هو شاديون ڪري ٿو: مٿيرا

0
575
عامر لياقت جي همت

ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) عامر لياقت جي ٽين شادي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اهو موضوع ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو ۽ عامر لياقت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو

ياسر نواز، احمد علي بٽ ۽ بلال قريشي به پنهنجا ويچار ونڊيا هئا ۽ هاڻي وري اداڪارا مٿيرا به عامر لياقت ۽ دانيا شاهه جي شادي بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي

مٿيرا جو چوڻ آهي ته اها عامر لياقت جي همت ۽ پسند آهي جو هو شادي ڪرڻ چاهي ٿو، هن جي زال به ساڻس گڏ محبت سان رهي ٿي، پيار انڌو هوندو آهي ٿي ويندو آهي ته پوءِ منهنجي خيال ۾ ڪو مسئلو ناهي

ياد رهي ته عامر لياقت حسين پنهنجي ٻي گهرواري پاران خلع جي تصديق ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ڪلاڪن بعد ئي ٽين شادي جو اعلان ڪيو هو