شڪارپور(رپورٽر) شڪارپور جي آر بي يو ٽي سول اسپتال ۾ تازو ڄاول ٻارفوت ٿي ويو، وارث ٻار جو لاش کڻي پريس ڪلب شڪارپور پھتا، علي حسن جتوئي صحافين آڏو الزام لڳايو ته ڊاڪرياڻين لاپرواهي ڪري تازي ڄاول ٻار کي شيشي واري مشين ۾رکڻ بجاءِ ٻاهر رکيو،ھن چيو ته منهنجي پٽ کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهي، ڄاول ٻار مشين مان هيٺ ڪري پيو آهي، جاچ ڪرائي وڃي، ھن وڌيڪ چيو ته اسپتال ۾ دوائون به ناهن، ڊاڪٽرياڻيون علاج لاءِ پئسا پيون گهرن، غريب آهيون سرڪاري اسپتال ڪهڙي ڪم جي، ياد رھي ته گذريل ٽن ڏينھن اندر صوبائي وزير قاسم سراج سومرو ۽ سيشن جج جي هدايتن تي ججن به دورا ڪيا پر تنھن باوجود به آر بي يو ٽي  سول اسپتال ۾ ڪنھن بگ سهولتون ناهن.