ٽنڊومحمد خان (رپورٽر) ٽنڊومحمد خان ۾ ڇاپو، پ پ اڳواڻ جي جڳھه تان برسات متاثرن جو امدادي سامان برآمد، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ فريادي محمد جمن ملاح جي ڏنل درخواست بعد ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي سول جج عبدالستار گوپانگ، سول جج نديم احمد ٻرڙو شهر جي احمد آباد گولڊن سٽي ڪالوني مان پوليس ۽ روينيو جي عملدارن سان گڏ ڇاپو هڻي پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو جي جڳھه تان 170 برسات متاثرن جي لاءِ آيل ٽينٽ ۽ ٻيو سامان برآمد ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جوحڪم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد بلڙي شاھ ڪريم جي مختيارڪار عبدالڪريم خاصخيلي جي فرياد تي سٽي پوليس قلم 419 ، 420 ، 380 تحت پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.