حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ضلعي ۾ قائم رليف ڪيمپس ۾ بيمارين جو سلسلو رڪجي ناهي سگهيو. 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 193 ماڻهو ڊائريا جو شڪار بڻجي ويا آهن، صحت کاتي پاران جاري رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪئمپن ۾ ترسيل 229 متاثرين چمڙي جي بيمارين پڻ مبتلا آهن جڏهن ته اکين جي انفيڪشن جا به 30 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. صحت کاتي موجب مليريا جي 108 شڪي ۽ تصديق ٿيل 21 ڄڻن جو علاج ڪيو پيو وڃي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 251 ماڻهن کي ساهه جون بيماريون ٿيون جڏهن ته مختلف مرضن ۾ مبتلا 345 ماڻهن جو پڻ علاج ڪيو پيو وڃي. صحت کاتي موجب جي رپورٽ مطابق ته 24 ڪلاڪن دوران مجموعي طور رليف ڪئمپن ۾ ترسيل 1383 ٻوڏ متاثر ماڻهن جو علاج ڪيو ويو آهي.