شهباز شريف ۽ جهانگير ترين ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي آفيسرن جون بدليون روڪيون ويون

0
179
ڪوئيٽا ۾ حواله هنڊي ۾ ملوث

ڪراچي (م ڊ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي ڪيس جي جاچ ڪندڙ ايف آءِ اي جي 5 آفيسرن جون بدليون ملتوي ڪيون ويون آهن

ايف آءِ اي ڊائريڪٽر آفيسرن جو بدليون رد ڪندي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جن آفيسرن جون بدليون منسوخ ڪيون ويون آهن انهن ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سيد علي مردان شاهه، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارشد بٽ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زوار احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر شيراز عمر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رانا فيصل منير شامل آهن

ياد رهي ته شهباز شريف ۽ جهانگير ترين خلاف ڪيسن جي جاچ ڪندڙ آفيسرن کي هڪ ڏينهن اڳ تبديل ڪيو ويو هو