دبئي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڀارتي اوپنر گوتم گمڀير پنهنجي ٽيم کي پاڪستاني فاسٽ بالر کي منهن ڏيڻ جو طريقو ٻڌائيندي چيو ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ جڏهن شاهين اڳيان هجي ته صرف پاڻ کي بچائڻو ئي نه آهي بلڪ هن خلاف رنز اسڪور به ڪرڻو آهي. جڏهن اوهان پاڻ کي بچائڻ جي فڪر ۾ پئجي ويندا آهيون ته پوءِ سڀ ڪجهه محدود ٿي ويندو آهي. هن چيو ته ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ اوهان صرف پاڻ کي بچائڻ تي ئي ڌيان نٿا ڏئي سگهو، مان ڄاڻان ٿو ته شاهين بال سان گڏ ڪافي خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو پر ڀارتي بيٽرز لاءِ ضروري آهي ته اهي انهن خلاف رنز اسڪور ڪن.