لاهور(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان شعيب ملڪ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي حوالي سان وڏي اڳڪٿي ڪئي آهي. نجي ميڊيا سان ڳالهائيندي شعيب ملڪ ريٽائرمينٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته فٽ آهيان رٽائرمينٽ جو بلڪل ناهي سوچيو جنهن ڏينهن رٽائرمينٽ وٺندس کليل دل سان اعلان ڪندس. هن چيو ته منهنجو ڪم ڪرڪيٽ کيڏڻ آهي جتي موقعو مليو اتي کيڏڻ لاءِ تيار آهيان، مونکي سليڪٽ ڪرڻ نه ڪرڻ ڪاميٽي جو ڪم آهي مونکي ڪنهن مان ڪوبه مسئلو نه آهي، مان ڪنهن جي خلاف به نه آهيان. بابراعظم کي مشورو ڏيندي شعيب ملڪ چيو ته مڊل آرڊر کي بيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ سٺو کيڏندو آيو آهي ۽ هاڻي به منهنجي دل چئي رهي آهي ته پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ فائينل ٿيندي جنهن لاءِ منهنجي پوري دعا آهي ته فائينل پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٿئي. هن چيو ته اسان جي مڊل آرڊر کي دنيا جي بهترين مڊل آرڊر جي کيڏڻ جو طريقو فالو ڪرڻ گهرجي.